التمائم في ميزان الاسلام
الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
وَإِن يَمْسَسْكَ اللّهُ بِضُرٍّ فَلاَ كَاشِفَ لَهُ إِلاَّ هُوَ وَإِن يَمْسَسْكَ بِخَيْرٍ فَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدُيرٌ (النعام:17)
ترجمو: جيڪڏهن الله توهان کي ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا ڪري ته کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي، جيڪو توهان کي ان تڪليف کان بچائي سگهي ۽ جيڪڏهن اهو توهان سان ڪا ڀلائي ڪرڻ چاهي ته هو هر شيءِ تي قادر آهي.
ٻئي هنڌ فرمايل آهي ته:
وَإِن يَمْسَسْكَ اللّهُ بِضُرٍّ فَلاَ كَاشِفَ لَهُ إِلاَّ هُوَ وَإِن يُرِدْكَ بِخَيْرٍ فَلاَ رَآدَّ لِفَضْلِهِ يُصَيبُ بِهِ مَن يَشَاء مِنْ عِبَادِهِ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ (يونس: 107)
ترجمو: ۽ جيڪڏهن الله توهان کي ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسائي ته ان کان سواءِ ڪير به ڪونهي، جيڪو اها مصيبت هٽائي سگهي ۽ جيڪڏهن هو توهان جي حق ۾ ڪا ڀلائي ڪرڻ جو ارادو ڪري ته سندس فضل کي هٽائڻ وارو به ڪو ڪونهي. اهو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي چاهي، پنهنجي مهربانيءَ سان نوازيندو رهي ۽ هو درگذر ڪرڻ وارو ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.
وري ٻئي هنڌ فرمايل آهي ته:
وَمَا بِكُم مِّن نِّعْمَةٍ فَمِنَ اللّهِ ثُمَّ إِذَا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيْهِ تَجْأَرُونَ
ثُمَّ إِذَا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُمْ إِذَا فَرِيقٌ مِّنكُم بِرَبِّهِمْ يُشْرِكُونَ (النحل:53، 54)
توهان کي جيڪا به نعمت حاصل آهي، الله جي پاران ئي آهي. وري جڏهن توهان تي ڪا سختي اچي ٿي ته توهان پاڻ فرياد کڻي ان ڏانهن ڊوڙندا آهيو، پر جڏهن الله اهو وقت ٽاري ڇڏيندو آهي ته توهان مان هڪڙو ٽولو هڪدم پنهنجي پالڻهار سان گڏ ٻين کي (ان نوازش ڪرڻ ۾) شريڪ ڪري ڇڏيندو آهي.
انهن آيتن ۾ ان ڳالهه جو چٽو دليل موجود آهي ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪوبه مشڪل ڪشا نه آهي ۽ ساري مخلوق الله کان ئي خير ۽ مشڪل ڪشائيءَ جي گهر ڪندي آهي، ڇو ته اسبابن جي ذريعي يا انهن کان سواءِ ئي، رڳو الله ئي ان عمل تي قادر آهي.
اسباب (وسيلن) جا ٻه قسم آهن: شرعي ۽ فطري
شرعي وسيلا اهي آهن، جن کي الله تعاليٰ نص قرآن يا حديث نبويءَ جي وسيلي شرعي حيثيت بخشي آهي. جيئن دعا ۽ جائز طريقي سان ٽوڻو ڦيڻو ڪرڻ. اهي شرعي سبب آهن، جن جو اثر الله تعاليٰ جي حڪم مان ظاهر ٿيندو آهي. چاهي ٻانهو خير جو طالب هجي يا مشڪل ڪشائيءَ جو، بس اهي وسيلا اختيار ڪرڻ وارو ئي اصل ۾ الله ڏانهن متوجهه ٿيندو آهي، جنهن جو هن حڪم ڏنو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هي شيون سببَ ۽ وسيلا آهن. اهڙيءَ طرح ۾ ڀروسو الله تي هوندو آهي، انهن سببن تي نه. ڇو ته هن ئي اهي سبب پيدا ڪيا آهن ۽ اهو ئي انهن سببن ۽ وسيلن کي بي اثر ڪرڻ تي به قادر آهي. تنهنڪري اهي سبب ۽ وسيلا اختيار ڪرڻ جي صورت ۾ هر لحاظ کان الله تعاليٰ تي اعتماد ڪيل هوندو آهي.
فطري اسبابَ اهي آهن، جن سان انهن جي تاثير جي اهڙي واضح مناسبت هجي جو ماڻهن ۾ اهڙي تدارڪ کي عقلي بنياد تي تسليم ڪيو ويندو هجي. جيئن پاڻي اڃ اجهائڻ جو ڪارڻ آهي ۽ ڪپڙو سرديءَ کان بچائڻ جو سبب آهي. اهڙيءَ طرح خاص مادن مان ٺهيل دوائون انهن جيوڙن تي اثرانداز ٿينديون آهن، جيڪي بيماريءَ جو ڪارڻ بڻبا آهن ۽ انهن جي لاءِ موتمار ثابت ٿينديون آهن. اهي فطري سبب آهن، جن کي ڪم ۾ آڻڻ جي ترغيب اسلامي شريعت به ڏني آهي. تنهنڪري اهڙن ذريعن جي استعمال جو مقصد اصل ۾ الله تعاليٰ ڏانهن ئي رجوع ڪرڻ هوندو آهي، جنهن انهن شين ۾ گهربل خاصيتون پيدا ڪيون آهن ۽ هو جڏهن به چاهي، انهن کي زائل ڪرڻ تي قادر آهي، جيئن الله تعاليٰ ان باهه مان ساڙڻ جي خاصيت ختم ڪري ڇڏي، جيڪا سيدنا حضرت ابراهيم عه جي لاءِ ٻاري وئي هئي.
باقي بچيو انهن تعويذن جو مسئلو جيڪي موتين، داڻن ۽ سپين يا ڪوڏين مان ٺهندا آهن ته انهن ۾ ڪا تاثير هئڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. توهان پاڻ سوچيو ته آخر ريٺن ۽ موتين جو بيماري ڀڄائڻ يا هٽائڻ سان ڪهڙو تعلق؟ اهي اهڙيون شيون آهن، جن جي ڪا تاثير ڪانهي ۽ نه ئي الله تعاليٰ انهن کي بيمارين لاءِ شرعي سبب بنايو آهي ۽ نه ئي ماڻهو مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ (انهن کي دور ڪرڻ لاءِ) انهن کي فطري اسباب سمجهي ٿو. تنهنڪري انهن تي اعتقاد رکڻ ۽ ڀروسو ڪرڻ جو مطلب مشرڪن وانگر انهن تي اعتقاد رکڻ ۽ ڀروسو ڪرڻ وانگر آهي، جيڪو اهي گذاري ويل بزرگن ۽ بتن تي ڪندا هئا، جيڪي نه ڪو ٻڌي سگهندا هئا نه ڏسي سگهندا هئا ۽ نه ئي نفعو نقصان پهچائي سگهندا هئا ۽ اهي ماڻهو انهن جي باري ۾ اهو گمان رکندا هئا ته اهي خير و برڪت ۽ مشڪل ڪشائيءَ لاءِ الله وٽ وسيلو بڻجن ٿا ۽ اهو به سمجهندا هئا ته انهن گذاري ويل بزرگن ۽ بتن ۾ هڪ خاص برڪت آهي، جنهن کي اهي پنهنجن عقيدتمندن ڏانهن منتقل ڪندا آهن ۽ جيڪا انهن جي مال ۽ دولت تي اثر انداز ٿيندي آهي.
تعويذ جي منع جي سلسلي جي دليلن ۾ الله تعاليٰ جو اهو ارشاد به اچي وڃي ٿو ته:
وَعَلَى اللّهِ فَتَوَكَّلُواْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ(المائد:23)
ترجمو: ۽ الله تي ئي ڀروسو ڪريو، جيڪڏهن توهان مومن آهيو.
شيخ سليمان بن عبدالله بن محمد بن عبدالوهاب رحه، علامه ابن قيم رحه جي روايت لکي ٿو ته ”توڪل علي الله کي ايمان جو شرط قرار ڏيڻ ان ڳالهه جي دلالت ڪري ٿو ته توڪل نه هجڻ جي صورت ۾ ايمان به هليو وڃي ٿو.“
ٻيءَ آيت ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
وَقَالَ مُوسَى يَا قَوْمِ إِن كُنتُمْ آمَنتُم بِاللّهِ فَعَلَيْهِ تَوَكَّلُواْ إِن كُنتُم مُّسْلِمِينَ (يونس:84)
ترجمو: موسيٰ عه پنهنجي قوم کي چيو ته جيڪڏهن توهان سچ پچ الله تي ايمان رکو ٿا ته ان تي ئي ڀروسو ڪريو، جيڪڏهن مسلمان آهيو.
يعني توڪل علي الله کي مسلمان هجڻ جو دليل قرار ڏنو آهي.
وري فرمايو ته:
وَعَلَى اللّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُونَ (ابراهيم:12)
۽ ڀروسو ڪرڻ وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.
هن آيت ۾ مومنن جي ٻين صفتن بدران رڳو ايمان جي صفت جو ذڪر ڪرڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته الله تعاليٰ تي ايمان آڻڻ، الله تي ڀاڙڻ يعني توڪل ڪرڻ جي گهر ڪري ٿو. ٻيو ته توڪل جي مضبوطي ۽ ڪمزوري، ايمان جي مضبوطي ۽ ڪمزوريءَ تي آڌاريل آهي. يعني جيترو ٻانهي جو ايمان پڪو هوندو، ايترو ئي الله تي ڀروسو به پڪو هوندو ۽ جيڪڏهن ايمان ڪمزور هوندو ته الله تي ڀروسو به گهٽ هوندو.
نتيجو اهو ٿو نڪري ته جيڪڏهن ٻانهي کي الله تي اعتبار مڙئي پورو پنو آهي ته ان جو مطلب ته سندس ايمان ڪمزور آهي. الله تعاليٰ توڪل ۽ عبادت کي، توڪل ۽ ايمان کي، توڪل ۽ تقويٰ (پرهيزگاري) کي، توڪل ۽ اسلام کي، ويندي توڪل ۽ هدايت کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته توڪل، ايمان ۽ احسان جي سمورن درجن ۽ مرتبن جو بنياد آهي، بلڪه اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته اسلام جي سمورن عملن جو بنياد آهي. ٻيو ته توڪل جي حيثيت اسلام سان لاڳاپيل سمورن عملن ۾ اهڙي ئي آهي، جيئن بدن تي سر جي اهميت. تنهنڪري جهڙيءَ طرح سر، جسم کان سواءِ نه ٿو رهي سگهي، اهڙيءَ طرح ايمان ۽ ايمان جا اصول، توڪل کان سواءِ باقي نه ٿا رهي سگهن.“
هيءُ بيان ڏيڻ کان پوءِ شيخ سليمان بن عبدالله بن محمد فرمائي ٿو ته ”آيت ۾ توڪل علي الله جي عبادت هئڻ جو دليل موجود آهي ۽ ان جي فرض هئڻ جو دليل به موجود آهي ۽ جڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته توڪل کي غير الله ڏانهن موڙڻ جي معنيٰ شرڪ ٿئي ٿي..... شيخ الاسلام (ابن تيميه رحه) فرمايو آهي ته ”ڪير به ڪنهن به مخلوق وٽ پنهنجي مراد کڻي وڃي يا ان تي ڀروسو ڪري ته ان جي مراد اجائي ويندي، ڇو ته اهو شرڪ آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
حُنَفَاء لِلَّهِ غَيْرَ مُشْرِكِينَ بِهِ وَمَن يُشْرِكْ بِاللَّهِ فَكَأَنَّمَا خَرَّ مِنَ السَّمَاء فَتَخْطَفُهُ الطَّيْرُ أَوْ تَهْوِي بِهِ الرِّيحُ فِي مَكَانٍ سَحِيقٍ (الحج:31)
ترجمو: ۽ جيڪو به الله سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪري ته ڄڻ اهو آسمان تان ڪريو، پوءِ يا ته ان کي پکي جهٽي وٺندا يا هوا ان کي اهڙيءَ جاءِ تي وڃي ڦٽو ڪندي، جتي ان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا.
آئون (ڊاڪٽر علي بن نفيع العلياني) چوان ٿو ته تمائم يعني ريٺن ۽ موتين وغيره جهڙن تعويذن تي مڪمل اعتماد ڪرڻ شرڪ جي پهرئين قسم سان تعلق رکي ٿو. يعني مري ويلن ۽ انهن جهڙي ٻيءَ ڪنهن مخلوق تي اعتماد ۽ ڀروسو رکڻ وانگر آهي، جيڪي نه ڪو ڪنهن شيءِ تي قدرت رکن ٿا ۽ نه ئي اهي ظاهري ۽ فطري سبب ۽ وسيلا آهن. ان سلسلي ۾ وڌيڪ وضاحت آخر ۾ ڪئي وئي آهي.
ٻيو قسم: نبوي حديثن مان استدلال:
يعني ”نبي ڪريم صه هڪ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ٽامي جو ٺهيل ڇلو ڏٺو ته فرمايو، ”هيءُ ڇا آهي؟“ هن همراهه وراڻيو ”ڪمزوريءَ جي ڪري پاتو اٿم.“ پاڻ سڳورن صه فرمايو ته : ”اهو لاهي ڇڏ، ڇو ته اهو تنهنجي بيماريءَ کي وڌائيندو ۽ جيڪڏهن تون ان حال ۾ مري وئين جو اهو تنهنجي جسم تي موجود هوندو ته تون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندين.“
يعني ”جيڪو تعويذ ٻڌندو، الله ان جي مراد پوري نه ڪري، ۽ جيڪو ڪوڏيون لٽڪائي، الله تعاليٰ ان کي راحت ۽ سڪون نصيب نه ڪري.“
اهو قول دلالت ڪري ٿو ته حضرت حذيفه رضه تعويذ پائڻ کي شرڪ سمجهندو هو ۽ ظاهر آهي ته اها ڳالهه هن پنهنجي پاران نه گهڙي هوندي.
ابن حجر جو چوڻ آهي ته ”ابن الجوزي جو چوڻ آهي ته تند جي باري ۾ ٽي قول آهن. انهن مان هڪ اهو آهي ته عرب پنهنجي عقيدي مطابق بري نظر کان بچڻ لاءِ اٺ جي گلي ۾ مضبوط تند جي مالها ٻڌندا هئا، جنهن کي ڪٽڻ جو کين حڪم ڪيو ويو، ڇو ته تند الله تعاليٰ جي ڪنهن به حڪم کي ٽاري نه ٿي سگهي. اهو قول امام مالڪ رحه جو آهي.“ آئون (ابن حجر) جو چوڻ آهي ته سندس اهو قول، حديث سان گڏ ”موطا“ ۾ موجود آهي.([5]) مسلم ۽ ابو دائود وغيره ۾ آهي ته امام مالڪ رحه چيو ته ”اري ذٰلڪ من اجل العين“ يعني ”منهنجو خيال آهي ته تند مان ٺهيل مالها بري نظر ٻڌل لاءِ هئي.“([6])
اهي سڀ حديثون مجموعي طور تي پوريءَ طرح تعويذ ٻڌڻ جي ممانعت ۽ ان جي شرڪ هجڻ جي دلالت ڪن ٿيون. اهي حديثون رسول الله ﷺ کان ثابت آهن ۽ انهن اصحابي سڳورن جون ٻڌايل آهن، جيڪي رسول الله ﷺ جي سنتن کي ۽ توحيد جي ابتڙ ۽ ان کي داغدار ڪرڻ وارين ڳالهين کي سموري مخلوق کان وڌيڪ ڄاڻندا هئا.
باقي بچيو اهو قول جيڪو بيبي عائشه رضي الله تعالى عنها کان روايت ڪيل آهي، جن فرمايو ته ”التمائم ما علق قبل نزول البلاءِ، واما ما علق بعد نزول البلاءِ فليس بتميمه“([10]) يعني ”تعويذ اهو آهي، جيڪو مصيبت اچڻ کان اڳ لٽڪايو وڃي ۽ جيڪو تعويذ مصيبت اچڻ کان پوءِ لٽڪايو وڃي، اهو تعويذ نه آهي.“
ان قول جو ظاهر مفهوم اهو آهي ته حضرت عائشه رضي الله تعالى عنها ان مان اهڙو تعويذ سمجهيو آهي، جيڪو قرآن منجهان هجي. ڇو ته اسلاف منجهان ڪي قرآن مان ٺهيل تعويذ پائڻ کي جائز سمجهندا آهن. جيئن اڳتي هن بحث ۾ ايندو. ٻيو ته حضرت عائشه رضه بيماريءَ کان پوءِ قرآن جو تعويذ لٽڪائڻ کي ناجائز ڪوٺي ٿي، اڳواٽ نه.
ٻيو ته عالمن جي هڪ گروهه جو خيال آهي ته بيماري لڳڻ کان اڳ ٽوڻي ڦيڻي يا داغڻ جهڙي علاج جو استعمال الله تعاليٰ تي مڪمل توڪل جي ابتڙ آهي، انهن عالمن هن حديث مان اها ئي معنيٰ ورتي آهي، جنهن ۾ پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته___________________ ”ستر هزار ماڻهو بنا حساب ڪتاب جي جنت ۾ داخل ڪيا ويندا، جيڪي نه ڪو بدشگوني وٺندا، نه ئي داغڻ سان علاج ڪندا ۽ نه ئي ٽوڻو ڦيڻو ڪرائيندا، بلڪه پنهنجي رب تي پورو پورو ڀروسو رکندا.“([11])
حافظ ابن حجر چوي ٿو ته ”دائودي ۽ ڪن ٻين جو چوڻ آهي ته هن حديث مان مراد اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي صحت ۽ تندرستيءَ جي حالت ۾ بيماري لڳڻ جي خوف کان ائين نه ڪندا آهن، البته جيڪي ماڻهو بيماري لڳڻ بعد دوا ۽ علاج ڪن، اهي ماڻهو هن حديث ۾ مراد ورتل نه آهن ۽ اهو ئي علامه ابن عبدالبر جي نظر ۾ صحيح قول آهي.“
ٻيو ته حضرت عائشه رضي الله تعالى عنها تمائم (تعويذن) مان عام مراد نه ورتي آهي، ڇوته ريٺن، موتين، ڪوڏين ۽ گهونگهن وغيره جا تعويذ ٺاهي لٽڪائڻ بيماريءَ کان اڳي يا پوءِ، سڀ هڪ ئي حڪم ۾ داخل آهن، يعني اهي شرڪ آهن، جيڪا ڳالهه حضرت عائشه رضي الله تعالى عنها کان ڳجهي نه آهي.
ان کان پهرين جو تعويذ ٻڌڻ جي شرڪ اڪبر يا شرڪ اصغر هئڻ جو بيان ڪجي، آئون مناسب ٿو سمجهان ته ٿورن لفظن ۾ شرڪ جي حقيقت جامع وصف بيان ڪري وٺجي. ان سلسلي ۾ الله تعاليٰ جي توفيق سان عرض ڪجي ٿو ته:
الله سان شرڪ ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته ٻانهو ڪنهن کي الله تعاليٰ وانگر سمجهڻ لڳي، جنهن کي پڪاري يا ان مان اميد رکي، يا ان کان مدد گهري، يا ان کان اهڙن معاملن ۾ مدد گهري جن تي رڳو الله تعاليٰ جو اختيار آهي، يا انهن کان فيصلو گهري ۽ الله تعاليٰ جي نافرماني ڪندي ان جي اطاعت ڪري يا ان کان قانون سازيءَ ۾ مدد گهري، يا ان جي نالي تي جانور ذبح ڪري، يا ان لاءِ باس باسي، يا الله تعاليٰ وانگر ان سان محبت ڪري، ڇو ته هر قول يا عمل يا عقيدو جنهن جو الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي، چاهي اهو امر واجب هجي يا مستحب، ان حڪم کي غير الله ڏانهن ڦيرڻ شرڪ آهي. امام ابن قيمجي بيان جو خلاصو آهي ته الله عزو جل، رسول موڪليا، ڪتاب نازل ڪيا ۽ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو ته جيئن کيس سڃاتو وڃي، سندس عبادت ڪئي وڃي، سندس توحيد جو اقرار ڪيو وڃي ۽ دين سندس ئي هجي، اطاعت به ان جي ئي هجي، دعا ۽ پڪار به سندس لاءِ هجي.
شرڪ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪڙو شرڪ اهو آهي جيڪو معبود جي ذات، ان جي نالن، ان جي صفتن ۽ ان جي ڪمن سان تعلق رکندو آهي.
ٻيو شرڪ اهو آهي جيڪو معبود جي عبادتن ۽ معاملن ۾ ڪيو ويندو آهي.
ان ڳالهه سان ڪوبه واسطو ڪونهي ته پوئين قسم جو شرڪ ڪرڻ وارو اهو عقيدو رکندو هجي ته الله تعاليٰ جي ذات، انهن جي نالن ۽ صفتن ۽ ان جي ڪمن ۾ ڪير به ساڻس شريڪ نه آهي.
شرڪ جو ٻيو قسم، اهڙن ماڻهن جو شرڪ آهي، جن الله تعاليٰ سان گڏ ڪو ٻيو معبود به ٺاهي ڇڏيو هجي. جيئن ته شرڪ جي معنيٰ آهي ڪنهن مخلوق کي خالق جهڙو مڃڻ ۽ مخلوق کي خالق سان ڀيٽڻ، مشرڪ مخلوق کي خالق جي خصوصيت ۾ خالق جهڙو بنائي ڇڏيندا آهن. جيئن ته الله تعاليٰ جي اها خاصيت آهي ته هو نفعو نقصان ۽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو اڪيلو مالڪ آهي، جنهن جي ڪري لازم آهي ته دعا ۽ خوف، اميد ۽ ڀروسو رڳو ان تي ئي ڪيو وڃي. تنهنڪري جنهن به انهن شين کي مخلوق سان وابسته ڪيو، ان ڄڻ ته مخلوق کي خالق جهڙو سمجهي ورتو ۽ عاجز ۽ فقير بالذات مخلوق کي قادر مطلق ۽ غني بالذات خالق جي برابر ليکڻ سڀ کان بري تشبيهه آهي.([12])
باقي بچيو اهو ٻانهو، جنهن پاڻ کي الله تعاليٰ جي برابر سمجهيو ۽ ان سان همسري ڪئي. جيڪڏهن ان پنهنجي وڏائي ۽ تڪبر جي اظهار لاءِ ائين ڪيو ۽ ماڻهن کي ان ڳالهه ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس وه واه ڪئي وڃي، سندس عظمت جا گڻ ڳايا وڃن، سندس اڳيان نِميو وڃي ۽ کانئس اميدون وابسته ڪيون وڃن ۽ اها به دعوت ڏني هجيس ته خوف، اميد، پناهه يا ٻئي ڪنهن به موقعي تي جڏهن کين مدد جي ضرورت هجي ته کيس پڪاريو وڃي ته ان سمجهو ته الله تعاليٰ سان همسريءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ ان جي ربوبيت ۽ الوهيت ۾ سندس جهڙو بڻجي ويو.
شرڪ جو ابتدائي مرحلو الله تعاليٰ کان بدگماني آهي. جيئن الله تعاليٰ ۽ ان جي مخلوق جي وچ ۾ واسطا قائم ڪرڻ، الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ الوهيت جي حق ۽ وحدانيت جي حق ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي برابر آهي ۽ ان جي شان بي نيازيءَ ۾ بدگمانيءَ جي علامت آهي. تنهنڪري اهو ممڪن نه آهي ته الله پنهنجي ٻانهن لاءِ اهڙو ڪم جائز ڪري، جيڪو سندس شان بي نيازيءَ جي توهين جو ڪارڻ هجي ۽ عقلي ۽ فطري طور تي به ان جو جواز ناممڪن هجي ۽ فطرت سليمه جو ناگوار سمجهڻ ان شيءِ جو سڀ کان وڏو عيب آهي.([13])
شيخ مبارڪ بن محمد الميلي فرمائي ٿو ته سوره سبا جي آيت ۾ شرڪ جي سمورن قسمن جو بيان موجود آهي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
قُلِ ادْعُوا الَّذِينَ زَعَمْتُم مِّن دُونِ اللَّهِ لَا يَمْلِكُونَ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ فِي السَّمَاوَاتِ وَلَا فِي الْأَرْضِ وَمَا لَهُمْ فِيهِمَا مِن شِرْكٍ وَمَا لَهُ مِنْهُم مِّن ظَهِيرٍ
وَلَا تَنفَعُ الشَّفَاعَةُ عِندَهُ إِلَّا لِمَنْ أَذِنَ لَهُ (سبا: 22، 23)
ترجمو: اي نبي! انهن مشرڪن کي چئه ته پڪاريو پنهنجن انهن معبودن کي، جن کي توهان الله جي بدران پنهنجو معبود سمجهي ويٺا آهيو. اهي نه ڪو آسمانن ۾ ذري جيتري ڪنهن شيءِ جا مالڪ آهن، نه ئي زمين ۾. اهي آسمان ۽ زمين جي ملڪيت ۾ شريڪ به نه آهن، انهن مان ڪو الله جو مددگار به ڪونهي ۽ الله جي اڳيان ڪا شفاعت به ڪنهن جي لاءِ نفعي واري نه ٿي ٿي سگهي، سواءِ ان شخص جي، جنهن لاءِ الله تعاليٰ شفاعت جي اجازت ڏني هجي.
الله تعاليٰ هن ڳالهه جي نفي ڪئي آهي ته غير الله به ڪنهن شيءِ جو مستقل مالڪ هجي، ڀلي اها عالم علوي(آسمان) يا عالم سفلي (زمين) جي ڪا ذري جيتري معمولي شيءِ ڇو نه هجي.
الله تعاليٰ، پاڻ سان ڪنهن غير الله جي ڪنهن به طرح جي حصيداري، ڀائيواري يا شراڪت جي نفي ڪري ڇڏي آهي. ڪون و مڪان ۾ حصيداري هجي يا جاه و مرتبه ۾ (جيئن فرمايو آهي ته: اهي آسمانن ۽ زمين جي ملڪيت ۾ شريڪ به ناهن)
يعني الله ننڍي ۾ ننڍو شرڪ به قبولڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪو آهي سلامتي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ الله تعاليٰ جي مقام ۽ مرتبي ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ. ها پر جي شفاعت ڪرڻ واري کي الله تعاليٰ پاران اها اجازت هجي ۽ ان ماڻهوءَ جو تعين به ڪيو ويو هجي، جنهن جي سفارش ڪرڻي آهي ته اهڙي سفارش ۾ شرڪت (شرڪ) جو شبهو ڪونهي. ڇو ته سفارش به نفعي جي ٻين صورتن وانگر الله تعاليٰ جي خاص ملڪيت آهي.
حاصل مطلب اهو نڪتو ته سوره سبا جي مٿي بيان ڪيل آيت مان شرڪ جو ڪوبه قسم خارج ڪونهي. جيئن ته شريڪ يا ته ملڪيت ۾ شريڪ ٿيندو آهي يا تصرف ۾. پهرين صورت ۾ يا ته اهو پنهنجي حصي جو اڪيلو مالڪ بڻجندو، يا ان حصي ۾ ٻنهي ڀائيوارن جو هڪ جيترو حصو هوندو يا ٻيءَ صورت ۾ شريڪ يا ته پاڻ مالڪ جي مدد ڪندو يا مالڪ وٽ ڪنهن ٻئي جي مدد ڪندو ۽ چارئي قسم ترتيب وار هن آيت ۾ موجود آهن. آيت ۾ انهن چئن قسمن جي ظاهر هئڻ جي باوجود به منهنجو خيال آهي ته ڪنهن اهڙيءَ طرح انهن جي وضاحت نه ڪئي آهي، جيئن مون ڪئي آهي.“([14])
مان (يعني ڊاڪٽر علي بن نفيع العلياني) چوان ٿو ته نه بلڪه حافظ ابن قيم به ان ئي انداز ۾ هن آيت جي وضاحت ڪئي آهي. جيئن فرمائي ٿو ته: ”الله تعاليٰ انهن سمورن سببن کي ختم ڪري ڇڏيو، جن تي مشرڪن جو مدار هو. اهڙيءَ طرح غور و فڪر ڪرڻ واري کي خبر پئجي ويندي ته جنهن الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو ڪارساز يا سفارشي بنايو، ان جو مثال اهڙيءَ مڪڙيءَ وانگر آهي، جنهن ڪو گهر بنايو هجي ۽ ياد رهي ته سڀ کان ڪمزور گهر مڪڙيءَ جو آهي. جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته:
قُلِ ادْعُوا الَّذِينَ زَعَمْتُم مِّن دُونِ اللَّهِ لَا يَمْلِكُونَ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ فِي السَّمَاوَاتِ وَلَا فِي الْأَرْضِ وَمَا لَهُمْ فِيهِمَا مِن شِرْكٍ وَمَا لَهُ مِنْهُم مِّن ظَهِيرٍ
وَلَا تَنفَعُ الشَّفَاعَةُ عِندَهُ إِلَّا لِمَنْ أَذِنَ لَهُ (سبا: 22، 23)
ترجمو: اي نبي! انهن مشرڪن کي چئه ته پڪاريو پنهنجن انهن معبودن کي، جن کي توهان الله جي بدران پنهنجو معبود سمجهي ويٺا آهيو. اهي نه ڪو آسمانن ۾ ذري جيتري ڪنهن شيءِ جا مالڪ آهن، نه ئي زمين ۾. اهي آسمان ۽ زمين جي ملڪيت ۾ شريڪ به نه آهن، انهن مان ڪو الله جو مددگار به ڪونهي ۽ الله جي اڳيان ڪا شفاعت به ڪنهن جي لاءِ نفعي واري نه ٿي ٿي سگهي، سواءِ ان شخص جي، جنهن لاءِ الله تعاليٰ شفاعت جي اجازت ڏني هجي.
(ابن قيم ) فرمائي ٿو ته: مشرڪ اصل ۾ ڪنهن کي پنهنجو معبود ان عقيدي جي بنياد تي بنائيندو آهي ته ان مان کيس فائدو ٿيندو، جڏهن ته فائدو رڳو ان هستيءَ مان حاصل ٿي سگهي ٿو، جنهن جي اندر انهن چئن خصلتن مان ڪا به هڪ خصلت هجي. يا ته اها هستي پاڻ ان نفعي جي مالڪ هجي جيڪو ان جو مريد چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن ان نفعي جو مالڪ نه هجي ته گهٽ ۾ گهٽ مالڪ سان شريڪ هجي ۽ جيڪڏهن مالڪ سان شريڪ به نه آهي ته ان جو معاون ۽ مددگار هجي، پر جيڪڏهن معاون ۽ مددگار به نه آهي ته ان وٽ سفارش جو حق رکندو هجي. الله تعاليٰ مٿان کان وٺي هيٺ تائين انهن چئني مرتبن جي ترتيب وار نفي ڪئي آهي. جئين سڀ کان پهرين ملڪيت جي نفي ڪئي، پوءِ ڀائيواريءَ جي، پوءِ مدد ۽ تعاون جي ۽ سڀ کان آخر ۾ شفاعت جي نفي ڪئي، جنهن جو گمان مشرڪ ڪن ٿا. البته هڪ اهڙي سفارش ثابت ڪيل آهي، جنهن ۾ مشرڪن جو ڪو حصو پتي نه آهي([15])
۽ اها آهي الله تعاليٰ جي اجازت سان سفارش ڪرڻ.([16])
لڳي ٿو ته شيخ ميلي کي علامه ابن قيم جي ان بيان بابت ڄاڻ نه پئجي سگهي هئي ۽ پاڻ به لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ڪئي اٿس، جيڪا علامه ابن قيم چئي هئي. عالمن جي اهڙين متشابه ڳالهين کي ”توارد خاطر“ چئبو آهي. بهرحال شرڪ جي جن قسمن بابت ٻنهي بزرگن اشارو ڪيو آهي، اهي هن آيت مان ظاهر آهن.
ابو البقا ڪفويءَ پنهنجي ڪتاب ”ڪليات“ ۾ شرڪ جا ڇهه قسم ٻڌائيندي چيو آهي ته شرڪ جا ڪيترائي قسم آهن:
1. شرڪ استقلال:
يعني ٻه مستقل ڀائيوار مڃڻ، جيئن مجوسين جو شرڪ هوندو هو.([17])
2. شرڪ تبعيض:
يعني الله تعاليٰ کي چند خدائن جو مجموعو سمجهڻ، جيئن نصرانين جو شرڪ آهي.([18])
3. شرڪ تقريب:
يعني غير الله جي عبادت ان لاءِ ڪرڻ جو اهو، کين الله جي ويجهو ڪري ڇڏيندو، جيئن جاهليت واري دور ۾ ڪافرن جو شرڪ هوندو هو.([19])
4. شرڪ تقليد:
يعني الله تعاليٰ جي عبادت ٻين جي پيرويءَ ۾ ڪرڻ، جيئن بعد ۾ ايندڙ اهل جاهليت جو شرڪ آهي.([20])
5. شرڪ اسباب:
يعني فطري اسباب کي موثر قرار ڏيڻ، جيئن فلسفين، طبعيات جي ماهرن ۽ انهن جي پيروڪارن جو شرڪ.([21])
6. شرڪ اعراض:
غير الله (يعني دنياوي غرضن ۽ مقصدن) جي ڪڍ لڳڻ.([22])
منهنجو چوڻ آهي ته شرڪ جا ڪي ٻيا قسم به آهن، جن جو ڪفوي صاحب باقائده ذڪر نه ڪيو آهي، پر ڄاڻايل قسمن ۾ ضمني طور تي انهن جو ذڪر موجود آهي. مثال طور شرڪ اطاعت ۽ اتباع، جيئن يهودين ۽ نصرانين جو شرڪ، جيڪي حلال ۽ حرام جو حڪم پنهنجن راهبن کان وٺندا هئا. حرام شين کي حلال ڪرڻ جو شرڪ، دين کان منهن موڙڻ جو شرڪ، تڪبر ۽ استهزا ۽ الله جي دين مان نقص ڪڍڻ جو شرڪ، نافرمانيءَ جو شرڪ، شرڪ انفاق ۽ شرڪ محبت، اهي سمورا قسم شهوانيت، خواهشن ۽ نفس ۽ شيطان جي عبادت م داخل آهن، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
أَفَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَهَهُ هَوَاهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلَى عِلْمٍ وَخَتَمَ عَلَى سَمْعِهِ وَقَلْبِهِ وَجَعَلَ عَلَى بَصَرِهِ غِشَاوَةً فَمَن يَهْدِيهِ مِن بَعْدِ اللَّهِ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ (الجاثيه: 23)
ترجمو: توهان ڪڏهن اهڙي ماڻهوءَ بابت سوچيو آهي جنهن پنهنجي نفس جي خواهشن کي پنهنجو معبود بنائي ورتو ۽ الله ڄاڻي واڻي ان کي گمراهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ ان جي دل ۽ ڪنن کي مهر لڳائي ڇڏي ۽ ان جي اکين تي پڙدو چاڙهي ڇڏيو؟ الله کان سواءِ ڪير آهي جيڪو ان کي هدايت ڏئي؟ ڇا توهان ان مان ڪو سبق نه ٿا وٺو؟
ٻيءَ آيت ۾ فرمايو ته:
أَلَمْ أَعْهَدْ إِلَيْكُمْ يَا بَنِي آدَمَ أَن لَّا تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ إِنَّهُ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ (يٰس: 60)
ترجمو: اي آدم پوٽئو! ڇا مون توهان کي هدايت نه ڏني هئي ته شيطان جي بندگي نه ڪجو، بيشڪ اهو توهان جو پڌرو دشمن آهي؟
هيءُ تفصيل جو مقام نه آهي، ان ڪري هن موضوع تي مفصل بيان ڪرڻ کان پاسو ڪجي ٿو.
بنيادي طور تي شرڪ جا ٻه قسم آهن، شرڪ اڪبر ۽ شرڪ اصغر (يعني وڏو شرڪ ۽ ننڍو شرڪ) ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ دنيا ۽ آخرت جي لحاظ کان فرق آهي، جيئن دنيا ۾ شرڪ اڪبر ڪرڻ واري تي مرتد جي حد قائم ڪئي ويندي ۽ معاملات ۽ تصرفات ۾ ان تي مرتد جا احڪام نافذ ڪيا ويندا، جيئن فقه جي ڪتابن ۾ ان جو تفصيل موجود آهي ۽ ان جا سمورا نيڪ عمل باطل ٿي ويندا، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
وَقَدِمْنَا إِلَى مَا عَمِلُوا مِنْ عَمَلٍ فَجَعَلْنَاهُ هَبَاء مَّنثُورًا (الفرقان:23)
ترجمو: ۽ جيڪي ڪجهه انهن ڪيو آهي، ان کي اسان ڌوڙ وانگر اڏائي ڇڏينداسون.
پر آخرت ۾ ان جي پاداش اها آهي ته انهن کي سدائين لاءِ جهنم ۾ رهڻو پوندو، جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
إِنَّ اللّهَ لاَ يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَلِكَ لِمَن يَشَاء(النساءِ:48)
ترجمو: الله تعاليٰ رڳو شرڪ کي معاف نه ٿو ڪري، ان کان سواءِ ٻيا گناهه جنهن کي چاهي، معاف ڪري ڇڏي ٿو.
باقي بچيو شرڪ اصغر (يعني ننڍو شرڪ) ته ان جو معاملو شرڪ اڪبر کان مختلف آهي. جيتوڻيڪ اهو به خطرناڪ آهي، جيئن اصحابي سڳورن کان روايت ڪيل آهي ته شرڪ اصغر، گناهه ڪبيره کان وڏو گناهه آهي، جيتوڻيڪ شرڪ اڪبر جيترو نه آهي. ان جو تفصيل اڳتي ايندو.([23])
پر سوال اهو آهي ته ٻنهي قسم جي شرڪ ۾ فرق ڪيئن معلوم ٿئي ته جيئن تعويذ جي باري ۾ اهو فيصلو ڪري سگهجي ته اهو شرڪ اڪبر آهي يا شرڪ اصغر (يعني تعويذ ٻڌڻ وڏو شرڪ آهي يا ننڍو) ان سلسلي ۾ ڪيترائي قائدا ۽ ضابطا آهن، جن جي مدد سان وڏي ۽ ننڍي شرڪ ۾ تفريق ڪري سگهجي ٿي، جن مان ڪي هن ريت آهن.
1. ڪنهن ماڻهوءَ شرڪيه لفظ استعمال ڪيا آهن، پر ان جو مقصد ڪنهن به طرح غير الله جي عبادت ڪرڻ نه هجي ته اهو شرڪ اصغر آهي. جيئن هڪ ماڻهوءَ، پاڻ سڳورن صه کي چيو ”ماشاءَ الله وشئت“ يعني ”جيئن الله جي ۽ توهان جي مرضي“ تنهن تي پاڻ سڳورن صه فرمايو ”اجعلتني لله ندا؟“ بل ماشاءَ الله وحده“ يعني ”ڇا تو مونکي الله جو شريڪ بنايو آهي؟ بلڪه جيڪي الله چاهي، اهو ئي ٿيندو.“
وري پاڻ سڳورن صه فرمايو ”لاتقولوا ماشاءَ الله و شاءِ فلان، ولڪن قولوا ماشاءَ الله ثم شاءِ فلان“ يعني ”ائين نه چئو ته جيڪي الله چاهي ۽ فلاڻو ماڻهو چاهي، بلڪه ائين چئو ته الله تعاليٰ چاهي، پوءِ فلاڻو ماڻهو چاهي.“([24])
اصحابي سڳورن ن جي وضاحت ڪندي فرمايو آهي ته لفظن ۾ شرڪ جو مظهر ئي شرڪ خفي (يعني لڪل شرڪ) هوندو آهي ۽ شرڪ خفي ئي شرڪ اصغر آهي، جيئن حضرت ابن عباس ”فلا تجعلوا لله اندادا و انتم تعلمون“ ([25]) جي تفسير ۾ فرمايو:
”انداد“ اهڙو شرڪ آهي جيڪو رات جي تاريڪيءَ ۾ ڪنهن ڪاري پٿر تي چرندڙ ماڪوڙيءَ جي آواز کان به وڌيڪ لڪل هوندو آهي. ان جي صورت اها آهي جو توهان چئو ته ”قسم آهي الله جو ۽ توهان جي زندگيءَ جو ۽ منهنجي زندگيءَ جو ۽ پوءِ چئو ته جيڪڏهن ڪتي نه هجي ها ته چور اسان جي گهر ۾ گهڙي اچي ها، جيڪڏهن گهر ۾ بدڪ نه هجي ها ته چور چوري ڪري وڃي ها. اهڙيءَ طرح ڪنهن کي اهو چوڻ ته جيڪو الله چاهي ۽ توهان چاهيو، ۽ جيڪڏهن الله ۽ فلاڻو ماڻهو نه هجي ها (ته ائين ٿي وڃي ها) (ابن عباس فرمائي ٿو ته) فلاڻي کي وچ ۾ نه آڻيو، ڇو ته اهو سڀ ڪجهه شرڪ آهي.([26]) ساڳي ڳالهه عڪرمه به مٿي بيان ڪيل آيت جي تفسير ۾ چئي آهي.([27])
ساڳيءَ طرح غير الله جو قسم کڻڻ به شرڪ آهي. رسول الله ﷺ فرمايو ته: ”من حلف بغير الله فقد ڪفر او اشرڪ“([28]) يعني ”جنهن غير الله جو قسم کنيو، ان ڪفر ڪيو يا شرڪ ڪيو.“
اهو حڪم شرڪ اصغر تي لاڳو ٿيندو، جيئن ابن عباس جو بيان ڏنل آهي، ان کان علاوه غير الله ڏانهن نسبت ڪري نالو رکڻ شرڪ اصغر آهي، جيئن عبدالحسن ۽ عبدالحسين وغيره.
2. شرڪ اڪبر ۽ اصغر کي سڃاڻڻ جو ٻيو قاعدو اهو آهي ته شرڪ جيڪڏهن غرضن ۽ مقصدن جي حصول ۾ واقع ٿئي ته اهو شرڪ اصغر آهي، بشرطيڪه شرڪ ڪرڻ وارو اعتقادي منافق نه هجي، نه ته اهو شرڪ اڪبر ٿي ويندو. اعتقادي منافق مان مراد اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو بنا ايمان جي عمل ڪري يا ان ايمان سان، جنهن جو مقصود دنيا جي طلب هجي، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
مَن كَانَ يُرِيدُ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا وَزِينَتَهَا نُوَفِّ إِلَيْهِمْ أَعْمَالَهُمْ فِيهَا وَهُمْ فِيهَا لاَ يُبْخَسُونَ
أُوْلَـئِكَ الَّذِينَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الآخِرَةِ إِلاَّ النَّارُ وَحَبِطَ مَا صَنَعُواْ فِيهَا وَبَاطِلٌ مَّا كَانُواْ يَعْمَلُونَ(هود:15، 16)
ترجمو: جيڪي ماڻهو رڳو دنياوي زندگي ۽ ان جي رنگينين جا طالب هوندا آهن، انهن جي سموري عمل جو ڦل اسان انهن کي هتي ئي ڏيندا آهيون ۽ ان ۾ ساڻن ڪا به گهٽتائي نه ڪندا آهيون، پر آخرت ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ باهه کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه آهي. (اتي پتو پئجي ويندو ته) جيڪي ڪجهه انهن دنيا ۾ ٺاهيو، اهو سڀ مٽجي ويو ۽ هاڻي سندن سموري ڪئي ڪمائي ڪُٽ آهي.
اهڙي شرڪ جو مثال اهو آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي نماز ان ڪري سهڻي ڍنگ سان پڙهي جو ٻيو ماڻهو کيس ڏسندو رهي يا اهڙي قسم جا ڪي ٻيا مقصد سندس ذهن ۾ هجن. الله جي رسول ﷺ چٽن لفظن ۾ ان کي شرڪ اصغر ڪوٺيو آهي، جيئن حضرت جابر کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا صه ٻاهر نڪتا ۽ فرمايائون:”يا ايها الناس اياکم وشرک السرائر، قالوا: يا رسول الله! ما شرکالسرائر؟ قال يقوم الرجل فيصلي فيزين صلاته جاهدا لما يري من نظر الناس اليه، فزلک السرائر.“([29])
يعني ”اي لوڪو! توهان پنهنجو پاڻ کي لڪل شرڪ کان بچايو. اصحابي سڳورن پڇيو ته يا رسول الله ﷺ! اهو لڪل شرڪ ڪهڙو ٿيندو آهي؟ وراڻيائون ته ماڻهو نماز جي لاءِ بيهي ته پنهنجي نماز کي سهڻي ڍنگ سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ پاڻ ڏي ماڻهن کي نهاريندي ڏسندو رهندو آهي، اهو لڪل شرڪ آهي.“
شداد بن اوس جو بيان آهي ته اسان رسول الله صه جي دور ۾ رياءَ (يعني ڏيکاءَ) کي شرڪ اصغر چوندا هئاسين.([30])
زيد بن اسلم پنهنجي والد کان روايت ڪري ٿو ته هڪ ڀيري حضرت عمر مسجد ڏانهن پئي آيو ته معاذ بن جبل کي پاڻ سڳورن ﷺ جي قبر وٽ روئيندي ڏٺائين. پڇيائين، معاذ! ڇو پيو روئين؟ حضرت معاذ وراڻيو ته هڪ حديث پئي مونکي رئاڙي، جنهن ۾ پاڻ سڳورن ﷺ کان ٻڌو اٿم ته ”اليسر من الرياءِ شرک، و من عاد اولياءَ الله فقد بارز الله بالمحاربه، ان الله يحب الاتقياءِ الاخفياءِ الذين اذا عابوا لم يفتقدوا، وان حضروا لم يعرفوا، قلوبهم مصابيح الهدي، يخرجون من کل غبراءِ مظلمه.“ يعني ”رياءُ (يعني ڏيکاءُ) ڀلي ٿورڙو هجي، پر اهو به شرڪ آهي ۽ جنهن الله جي ولين سان ڪپت ڪئي، اهو (ڄڻ ته) الله سان جنگ لاءِ نڪري چڪو. بيشڪ الله تعاليٰ اهڙن پرهيزگار گمنام ماڻهن کي پيارو ٿو رکي، جيڪي موجود نه هوندا آهن ته انهن جي ڳولها نه ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن حاضر هوندا آهن ته انهن کي سڃاتو نه ويندو آهي. انهن جون دليون شمع هدايت هونديون آهن ۽ اهي هر اونداهي دور ۾ پيدا ٿيندا آهن.([31])
ابوالبقا ڪفوي ان ڳالهه تي اجماع جو بيان ڪيو آهي ته شرڪ اصغر ڪرڻ واري تي ڪفر اڪبر جو حڪم نه ٿو لڳي سگهي، جيڪو اسلام مان خارج ڪري ڇڏيندو آهي.([32])
دنيا جي حاصلات لاءِ ڪم ڪرڻ به شرڪ اصغر آهي، بشرطيڪه اهو ان عمل ڪرڻ واري جو بنيادي مقصد نه هجي، بلڪه دنيا جي حاصلات سان گڏوگڏ اجر ۽ ثواب جو به ارادو هجيس، ته اهو شرڪيه عمل ٿيندو، جيئن اهڙو مجاهد جيڪو ثواب سان گڏ شهرت ۽ ناماچاريءَ جو به گهرجائو هجي، يا اجر ۽ ثواب سان گڏ مال ۽ دولت به چاهيندو هجي (تفصيل اڳتي ايندو) جيئن رسول الله ﷺ فرمايو ته: ”وتعس عبدال دينار، و تعس عبدالدرهم، و تعس عبدالخميصه، و تعس عبدالخميله، ان اعطي رضي، ان لم يعط سخط“ يعني ”هلاڪ ٿيو دينار جو ٻانهو، هلاڪ ٿيو، درهم جو ٻانهو، هلاڪ ٿيو اوني چادر جو ٻانهو، هلاڪ ٿيو مخملي چادر جو ٻانهو، (تڏهن) جڏهن ان کي ڏنو ويو ته خوش ٿيو ۽ جيڪڏهن نه ڏنو ويو ته ناراض ٿي ويو.“([33])
پر جيڪڏهن ماڻهو اجر ۽ ثواب جو ماڳهين خواهشمند ئي نه هجي، بلڪه پنهنجي عمل مان رڳو دنيا جو طالب هجي ته اهو شرڪ اڪبر آهي، جيئن پٺيان بيان ٿي چڪو آهي. اهو اهڙي ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو رڳو مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ شهادت جو ڪلمو ۽ نمازون پڙهي.
3. ٽيون ضابطو اهو آهي ته شرڪ سببن ۽ وسيلن ۾ ڪيو وڃي. يعني ماڻهو اهڙن ڪارڻن ۽ وسيلن تي ڀروسو ڪري، جيڪي اصل ۾ نه شرعي لحاظ کان سبب هجن ۽ نه ئي قدرتي طور تي. اهڙي صورت ۾ ان ماڻهوءَ جو جيڪڏهن ان سبب تي مڪمل اعتماد نه هجي ۽ اهو گمان نه ڪندو هجي ته اهو سبب الله تعاليٰ جي ارادي بنا پاڻ مرادو اثرانداز ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي اهڙي سبب لاءِ ڪنهن قسم جي عبادت (يا رياضت) ڪري ته اهڙيءَ صورت ۾ شرڪ اصغر ٿيندو، جيئن حضرت عبدالله بن مسعود کان روايت ٿيل اها حديث دلالت ڪري ٿي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ”الطيره شرک، الطيره شرک، وما منا الا، ولکن الله يذهبه بالتوکل“ يعني ”بدسوڻ وٺڻ شرڪ آهي، بدسوڻ وٺڻ شرڪ آهي. اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي، جنهن جي دل ۾ اهڙي قسم جو وهم نه پيدا ٿيندو هجي، پر الله تعاليٰ، توڪل علي الله جي ڪارڻ ان (شرڪ) کي اسان کان پري ڪري ڇڏيندو آهي.“([34])
4. _________________________ عبدالله بن عمرو جي بيان ڪيل هڪ روايت پڻ ساڳئي مفهوم جي دلالت ڪري ٿي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ”جنهن ماڻهوءَ کي بدشگونيءَ سندس ضرورت کان موٽائي ڇڏيو، ان شرڪ ڪيو. اصحابي سڳورن پڇيو ته يا رسول الله ﷺ! ان جو ڪفارو ڪهڙو ٿيندو؟ پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته چئو اي الله! ڀلائي رڳو تنهنجي طرف آهي ۽ قضا ۽ قدر رڳو تنهنجي ئي هٿن ۾ آهي ۽ تو کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي.“([35])
شيخ عبدالرحمٰن بن سعدي جو چوڻ آهي ته هر اهو قول ۽ فعل شرڪ اصغر آهي، جيڪو شرڪ ڏانهن وٺي ٿو وڃي. جيئن مخلوق جي شان ۾ ايترو وڌاءُ ڪرڻ جيڪو وڃي عبادت جي درجي تي پهچي. جهڙوڪ غير الله جو قسم کائڻ، يا ٿورو ڏيکاءُ ڪرڻ وغيره.“([36])
گذريل بحث مان ظاهر ٿيو ته شرڪ اصغر اهڙو شرڪ آهي، جنهن سان نه ڪو اصل ايمان وڃي ٿو، ۽ نه ئي خالص عبادت جي درجي تي پهچي ٿو جيڪا غير الله لاءِ ڪيل عبادت ثابت ٿي وڃي.
شرڪ اصغر جي سڃاڻپ ٻين به ڪيترن دليلن سان ڪري سگهجي ٿي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
1. رسول الله ﷺ ڪنهن خاص عمل جي شرڪ اصغر هجڻ جي چٽائي ڪري ڇڏي هجي، جيئن پاڻ سڳورن ﷺ جو فرمان آهي ته: ”ان اخوف مان اخاف عليکم اشرک الاصغر، قالوا يا رسول الله! وما الشرک الاصغر؟ قال الرياءِ“ يعني ”سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ بابت آئون توهان جي باري ۾ ڊڄان ٿو، اهو شرڪ اصغر آهي. اصحابين پڇيو يا رسول الله صه! شرڪ اصغر ڪهڙو آهي؟ وراڻيائون ته ڏيکاءُ.“
2. هر اهڙو عمل، جنهن کي ڪفر يا شرڪ قرار ڏنو ويو هجي ۽ شارع عليه السلام ان جي سزا مقرر ڪئي هجي (مرتد جي سزا کان علاوه، ڇو ته ارتداد، ڪفر اڪبر آهي) سمورن دليلن جي روشنيءَ ۾ اهو نتيجو نڪري ٿو ته اهڙو عمل شرڪ اصغر چئبو. ان جو مثال مسلمان جو قتل آهي، جنهن کي پاڻ سڳورن ﷺ ڪفر ڪوٺيو آهي ۽ قاتل جي سزا قصاص آهي. مقتول جي وليءَ کي اختيار آهي ته قصاص معاف ڪري ديت وٺي، پر جيڪڏهن مرتد اسلام ڏانهن واپس نه موٽي ته ان جي سزا ساقط نه ٿي ٿيو سگهي.
ٻيو ته مسلمانن جي پاڻ ۾ ويڙه جيتوڻيڪ ڪفر آهي، پوءِ به الله تعاليٰ قتل ڪرڻ واري کي اسانجو ايماني ڀاءُ ڪوٺيو آهي، جيئن ارشاد رباني آهي ته:
إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُوا بَيْنَ أَخَوَيْكُمْ وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
ترجمو: درحقيقت مومن پاڻ ۾ ڀائر آهن، تنهنڪري توهان پنهنجن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ الله کان ڊڄو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي.
3. ٽيون دليل اهو آهي ته اصحابي سڳورا رضي الله تعالى عنهم ڪنهن عمل جي شرڪ اصغر هجڻ جي چٽائي ڪري ڇڏين يا ڪنهن نص شرعي مان اهو ثابت ٿيندو هجي ته فلاڻو ڪم شرڪ اصغر آهي (ته اهو شرڪ اصغر ٿيندو) ڪارڻ اهو آهي ته اصحابي سڳورا شرڪ اڪبر وارو زمانو گذاري چڪا آهن ۽ رسول الله ﷺ، اصحابي سڳورن جي آڏو عقيدي جي مسئلن جي اهڙيءَ طرح چٽائي ڪري ڇڏي آهي جو انهن لاءِ شرڪ ۽ توحيد ۾ ڪنهن قسم جو ڪو شڪ شبهو باقي نه بچيو. ٻيو ته فقهي ۽ فروعي مسئلن وانگر شرڪ وارن معاملن ۾ منجهن اختلاف ڪونه ٿو لڀي، ان ڪري ان بابت اصحابين جي قول تي عمل ڪرڻ واجب آهي.
4. هن وضاحت جي لحاظ کان اسان کي ڏسڻ گهرجي ته تمائم (يعني ريٺن، موتين، داڻن، ڪوڏين، گهونگهن ۽ مڇيءَ جي ڏندن وغيره جا تعويذ لٽڪائڻ) شرڪ اڪبر آهي يا شرڪ اصغر.
درحقيقت تعويذ ٻڌڻ شرڪ في الاسباب مان آهي ۽ اهو شرڪ تعويذّ ٻڌڻ واري جي حال مطابق ڪڏهن شرڪ اڪبر ٿيندو آهي ته ڪڏهن شرڪ اصغر. ان ڪري ان کي نه ڪي پوريءَ ريت شرڪ اڪبر چئي ٿو سگهجي، نه ئي شرڪ اصغر. بلڪه تعويذ ۽ تعويذ واري جي حال تي غور ڪيو ويندو. جيئن جيڪڏهن ڪو ماڻهو بت لٽڪائي يا شرڪيه ڪلمه لکي لٽڪائي، جنهن ۾ غير الله کان مدد گهريل هجي يا غير الله کي صحت ۽ شفا جي التجا ڪيل هجي يا صليب لٽڪايل هجي ته اهو سڀ بيشڪ شرڪ اڪبر آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪوڏيون، ڌاڳا وغيره ٻڌي انهن تي پورو اعتقاد رکي ۽ اهو سمجهي ته اهي پاڻ مرادو مصيبتن کي ٽارڻ وارا آهن ته اهو به شرڪ اڪبر آهي، نه ته شرڪ اصغر. ان سلسلي ۾ وڌيڪ چٽائيءَ لاءِ ڪجهه عالمن جا بيان ۽ فتوائون هتي پيش ڪجن ٿيون.
شيخ محمد بن عبدالوهاب ”ڪتاب التوحيد“ ۾ هڪ باب جو عنوان اهو رکيو آهي ته ”ڇلو ۽ ڌاڳو وغيره ”آئيءَ کي ٽارڻ“ لاءِ پائڻ شرڪ آهي“ ان باب جي شرح ۾ شيخ عبدالرحمٰن بن سعدي لکي ٿو ته ”هن باب کي سمجهڻ، سببن جي حڪمن جي معرفت تي ڇڏيل آهي ۽ حاصل ڪلام اهو آهي ته ٻانهي لاءِ اسباب جي سلسلي ۾ ٽن شين جي معرفت ضروري آهي.
1. پهرين ڳالهه اها آهي ته انسان ان شيءِ کي سبب بنائي، جنهن جو سبب هجڻ شرعي يا قدرتي طور تي ثابت هجي.
2. ٻي ڳالهه اها آهي ته مشروع ۽ نفع بخش سبب اختيار ڪرڻ جي باوجود انسان ان سبب تي ڀروسو نه ڪري، بلڪه مسبب الاسباب قادر مطلق (الله) تي ڀروسو ڪري.
3. ٽين ڳالهه اها آهي ته ٻانهي کي اهو يقين هجڻ گهرجي ته سبب ڪيترا به وڏا ۽ طاقتور هجن، پوءِ به اهي الله جي لکئي ۾ اهڙيءَ طرح جڪڙيل هوندا آهن جو انهن مان نڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي ۽ اهو به يقين رکڻ گهرجي ته الله تعاليٰ پنهنجي مرضيءَ سان انهن ۾ عمل دخل ڪري ٿو. وڻيس ته پنهنجي حڪمت ۽ گهرج مطابق انهن جي سببيت باقي رکي ته جيئن ٻانها انهن سببن جي حقيقت تي قائم رهن ۽ الله تعاليٰ جي حڪمت کي سڃاڻي وٺن ته هن ڪيتري قدر انهن سببن کي علت سان جوڙي رکيو آهي ۽ جيڪڏهن چاهي ته پنهنجي مشيئت مطابق انهن سببن کي بدلي به سگهي ٿو ته جيئن ٻانهو انهن تي ڀروسو نه ڪري ۽ الله جي قدرت جي ڪمالن کي سمجهي وٺي ۽ مٿس پڌرو ٿي وڃي ته تصرف مطلق ۽ اراده مطلق رڳو الله وحده لاءِ ئي آهي. سببن جي سلسلي ۾ اهو ئي نظريو ۽ ان تي عمل جو اهو ئي طريقو هر ٻانهي لاءِ واجب آهي.
جڏهن اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اهو به ڄاڻي وٺو ته جنهن به ماڻهوءَ ڪنهن مصيبت جي اچڻ کان اڳ ان کي روڪڻ لاءِ يا آئي ٽارڻ لاءِ ڇلو يا ڌاڳو وغيره پاتو ته ان شرڪ ڪيو. ان ڪري جو جيڪڏهن هن، انهن کي پاڻمرادو ٽارڻ وارو سمجهيو ته اهو شرڪ اڪبر آهي، يعني پالڻهار جي ربوبيت ۾ شرڪ آهي، ڇو ته هن، خلق ۽ تدبير ۾ الله جو شريڪ بنايو ۽ عبوديت ۾ به شرڪ ڪيو، ڇو ته هن اهڙي ڇلي وغيره کي ”اله“ جو درجو ڏنو ۽ ان مان نفعي جي اميد ۽ خواهش رکي پنهنجي دل کي ان سان وابسته ڪيو. پر جيڪڏهن ٻانهي، الله تعاليٰ کي ئي مشڪل ڪشا مڃيو ۽ اهي ڇلا، ڌاڳا وغيره ان اعتقاد سان پاتا ته اهي اهڙا سبب آهن، جن کان مصيبتون پري ڀڄن ٿيون ته اهڙيءَ صورت ۾ هن، انهن شين کي سبب بنايو، جيڪي نه ڪو شرعي طور تي سبب آهن ۽ نه ئي قدرتي طور تي. تنهنڪري اهو حرام آهي ۽ شريعت ۽ تقدير تي ڪوڙو الزام آهي. ڇو ته شريعت ته ان ڳالهه کان سختيءَ سان منع ڪئي آهي ۽ شريعت جنهن شيءِ کان روڪي ٿي ، اها لاڀائتي ٿي ئي نه ٿي سگهي.
باقي بچيو قدرتي سبب! ته اهي ڇلا وغيره نه ڪي عام رواجي سببن ۾ شامل آهن ۽ نه ئي غير رواجي سبب مان، جن سان مقصد حاصل ٿئي ۽ نه ئي اهي فائدو ڏيندڙ دوا وغيره مان آهن، بلڪه اهي شرڪ جي وسيلن مان هڪ وسيلو آهن. ڇو ته ان کي پائڻ واري جي دل لازمي طور تي ان سان وابسته ٿي ويندي آهي ۽ اهو هڪ قسم جو شرڪ ۽ شرڪ جو ذريعو آهي.
باقي بچيا تعويذ! ته تعويذ ان شيءِ کي چوندا آهن، جنهن کي جسم جي ڪنهن حصي ۾ ٻڌو يا پاتو وڃي ٿو ۽ جنهن کي استعمال ڪرڻ واري جو دل ان جي عقيدت ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي. تنهنڪري ان بابت به اهو ئي حڪم آهي، جيڪو ڇلي ۽ ڌاڳي وغيره جي باري ۾ آهي، يعني انهن مان ڪي شرڪ اڪبر آهن، جهڙوڪ اهي تعويذ جن ۾ شيطانن يا ٻيءَ ڪنهن مخلوق کان مدد گهرڻ جي معنيٰ لکيل هجي، ڇو ته جنهن شيءِ تي الله کان علاوه ڪنهن کي قدرت حاصل نه هجي، ان تي غير الله کان مدد گهرڻ شرڪ آهي، جنهن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڪيو ويندو، انشاءَ الله. ڪي تعويذ وري حرام آهن، جهڙوڪ اهي تعويذ جن ۾ اهڙا نالا لکيل هجن، جن جو ڪو به مفهوم نه هجي، اهڙا تعويذ شرڪ ڏانهن وٺي ويندا آهن، ان ڪري حرام آهن.([37])
شيخ سلمان بن عبدالله بن محمد بن عبدالوهاب به ڪجهه اهڙي قسم جو ئي موقف رکي ٿو. جيئن پاڻ لکي ٿو ته: ”هتي مصيبت کي روڪڻ يا ٽارڻ لاءِ ٽامي، لوه وغيره جي ڇلن جا تعويذ پائڻ جو حڪم بيان ڪرڻ مقصود آهي (ته ان بابت اهو حڪم آهي ته) اصل ۾ اهو عقيدو، توحيد کان انڪار آهي، جيڪا باري تعاليٰ جي الوهيت تحت ٻانهن تي واجب آهي. ڇو ته ”اله“ هر ان ذات کي چوندا آهن، جنهن سان دل ۾ ايتريقدر عقيدت هجي جو ان سان به اهي ئي اميدون وابسته ڪيون وڃن، جيڪي الله تعاليٰ سان وابسته ڪيون وينديون آهن. ان جي وڌيڪ وضاحت توحيد، اطاعت ۽ عبادت جي بيان ۾ ڪيل آهي ۽ اتي اهو ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان عظيم اطاعت ۽ عبادت الله تعاليٰ کي پڪارڻ، ان سان اميدون وابسته ڪرڻ، ان تي ڀروسو ڪرڻ ۽ رڳو ان کي ئي خير ۽ شر ۾ تصرف جو حقدار سمجهڻ آهي، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
وَإِن يَمْسَسْكَ اللّهُ بِضُرٍّ فَلاَ كَاشِفَ لَهُ إِلاَّ هُوَ وَإِن يُرِدْكَ بِخَيْرٍ فَلاَ رَآدَّ لِفَضْلِهِ يُصَيبُ بِهِ مَن يَشَاء مِنْ عِبَادِهِ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ (يونس: 107)
ترجمو: جيڪڏهن الله توکي ڪنهن مصيبت ۾ وجهي ته ان کان سواءِ ڪير به ڪونهي، جيڪو ان مصيبت کي ٽاري سگهي ۽ جيڪڏهن هو تنهنجي حق ۾ ڪنهن ڀلائيءَ جو ارادو ڪري ته سندس فضل کي ڦيرڻ وارو به ڪوئي ڪونهي.
تنهنڪري جنهن اهڙو عقيدو رکيو ته ڇلن، هڏين ۽ تعويذن ۾ مصيبت روڪڻ يا هٽائڻ جي طاقت آهي ته اهو، ان عقيدي جي ڪارڻ شرڪ ۾ مبتلا ٿيو ۽ الله تعاليٰ جنهن عقيدي ۽ تصور جو حڪم ڏنو آهي، ان جي کليو کلايو خلاف ورزي ڪئي. ان ڪري ئي نبي ڪريم ﷺ ان همراه کي، جنهن پنهنجي ٻانهن ۾ بيماريءَ جي ڪري ٽامي جو پٽو ٻڌو هو، چيو ته: ”انزعها فانها لا تزيدک الا وهنا، ولو مت وهي عليک ما افلحت ابدا“ يعني ”هن کي ڪڍي ڇڏ، اهو تنهنجي بيماريءَ کي ويتر وڌائيندو ۽ جيڪڏهن تون مري وئين ۽ اهو پٽو تنهنجي جسم تي باقي رهيو ته تون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندين.“([38])
هن حديث ۾ سدائين لاءِ ڪاميابيءَ جي نفي ان ڳالهه جي دلالت ڪري ٿي ته اهو عمل شرڪ اڪبر آهي، معاف نه ٿيندو، بلڪه اهو شخص، ذڪر ڪيل عقيدي جي ڪارڻ سدائين لاءِ جهنم ۾ رهندو.“([39])
شيخ صاحب پنهنجي ڪتاب ”تيسير العزيز الحميد في شرح ڪتاب التوحيد“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته مصيبت ٽارڻ لاءِ پٽو پائڻ ۽ ڌاڳو ٻڌڻ شرڪ اصغر منجهان آهي.([40]) بيشڪ شيخ صاحب جو ان مان اهو مطلب آهي ته جنهن انهن ۾ رڳو سببيت جو اعتقاد رکيو ته اهو شرڪ اصغر آهي، پر جيڪڏهن ان تي ڀروسو ڪري ۽ ان مان نفعي جي اميد رکي ۽ دل ۾ ان سان عقيدت به هجي يا ڪو شرڪيه تعويذ هجي، جهڙوڪ اهڙو تعويذ جيڪو مدد گهرڻ واري مواد تي مشتمل هجي، جنهن تي رڳو الله تعاليٰ جي قدرت آهي ته يقينن اهو شرڪ اڪبر ٿيندو. شيخ صاحب جي اها راءِ سندس ڪتاب ”تيسر العزيز الحميد“ ۽ ”التوضيح عن توحيد الخلائق“ ۾ سندن ڪلام ۾ واضح آهي.
سماحته الشيخ عبدالعزيز بن باز به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي، جيئن تعويذن بابت فرمائي ٿو ته:
”جيڪڏهن انهن ۾ شيطانن جا نالا هجن، يا هڏين، ريٺن ۽ ڪلين، جا تعويذ هجن يا طلسم يعني حروف مقطعات (ا، ب، ج د، وغيره) هجن يا انهن جهڙي ڪا ٻي شيءِ هجي ته اهو شرڪ اصغر آهي ۽ اهڙو تعويذ ڪڏهن ڪڏهن شرڪ اڪبر به ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن تعويذ استعمال ڪرڻ وارو اهو عقيدو رکي ته الله تعاليٰ جي حڪم کان سواءِ اهو تعويذ سندس حفاظت ڪندو يا سندس بيماري هٽائيندو يا ايندڙ مصيبت کي ٽاريندو (ته اهو شرڪ اڪبر ٿي ويندو)([41])
سماحته الشيخ ابن باز ، حامد الفقي جي فتح المجيد تي لڳايل حاشئي تي تبصرو ڪندي ارشاد فرمايو ته:
”صحيح ڳالهه اها آهي ته تعويذ لٽڪائڻ دين سان مذاق نه بلڪه شرڪ اصغر آهي ۽ جاهليت جهڙو آهي ۽ تعويذ پائيندڙ جي دلي جذبن ۽ اعتقاد مطابق ڪڏهن شرڪ اڪبر به ٿيو وڃي. مثال طور جيڪڏهن هو، اهو عقيدو رکي ته اهو تعويذ الله تعاليٰ جي مرضيءَ کان سواءِ نفعو نقصان پهچائي ٿو ته اهو شرڪ اڪبر آهي، پر جيڪڏهن هو اهو عقيدو رکندو هجي ته اهو تعويذ بري نظر يا جن وغيره کان بچائڻ لاءِ هڪڙو سبب آهي ته اهو شرڪ اصغر آهي، ڇو ته الله تعاليٰ انهن تعويذن کي سبب نه بنايو آهي، بلڪه ان جي ابتڙ انهن کان روڪيو آهي ۽ رسول اللهﷺ جي زبان مبارڪ سان اهو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي ته اهو شرڪ آهي ۽ اهو رڳو ان ڪري جو تعويذ پهريندڙ جو ڌيان ان ڏانهن مرڪوز ٿيو وڃي ٿو ۽ ان جي دل انهن تعويذن سان وابسته ٿيو وڃي.“([42])
شيخ حافظ حڪمي شعر ۾ بيان ڪري ٿو ته:
وان تـکن مما سواالوحييــن
فانهـا شرک بغير مـيــن
بل انـها قســـميه الازلام
في البعد عن سيما اولي الاسلام
يعني جيڪڏهن تعويذ ٻنهي قسم جي وحي، (يعني قرآن ۽ سنت) کان ڌار هجن ته بيشڪ اهي شرڪ آهن، بلڪه ازلام (جاهليت جي دور جي فال جي تيرن) وانگر مسلمانن جي طور طريقي کان پري آهن.
شرح: يعني جيڪڏهن تعويذ، قرآن ۽ حديث کان سواءِ يهودين، هيڪل جي پوڄارين، ستاره پرستن، ملائڪن جي عبادت ڪندڙن، جنن جي مدد حاصل ڪرڻ وارن جو ٺاهيل طلسم هجي يا ريٺي، ڏند ۽ لوه جي ڇلي وغيره جو تعويذ هجي، اهو بيشڪ شرڪ آهي. اهو نه ڪو جائز سببن مان آهي، نه ئي معروف دوائن مان آهي، بلڪه بت پرستن وانگر تعويذ پهريندڙ جو انهن جي باري ۾ سکڻو عقيدو آهي ته اهي پنهنجي ذاتي خاصيتن سان فلاڻين فلاڻين بيمارين کي ٽاريندا آهن، بلڪه انهن تعويذن جي نوعيت انهن تيرن جهڙي آهي، جن مان جاهليت وارا ڪفر جي حالت ۾ فال ڪڍندا هئا. (جنهن کي شريعت ۾ ازلام چوندا آهن)
اهو (ازلام) ٽن تيرن تي مشتمل هوندا آهن جن مان هڪ تي ”افعل“ (يعني ڪر) لکيل هوندو هو، ٻئي تي ”لاتفعل“ (يعني نه ڪر) لکيو هوندو هو ۽ ٽئين تي ”غفل“ لکيو هوندو هو. جڏهن کين ڪو اهم ڪم ڪرڻو هوندو هو ته انهن مان هڪ تير ٿيلهي مان ڪڍندا هئا. جيڪڏهن ان تير تي ”افعل“ لکيل هوندو هو ته ڪم ۾ لڳي ويندا هئا، پر جيڪڏهن ”لاتفعل“ لکيل هوندو هو ته ان ڪم جو ارادو ختم ڪري ڇڏيندا هئا، پر جيڪڏهن ٽئي قسم جو تير، جنهن تي ”غفل“ لکيل هوندو هو ته اهي ٻيهر فال وجهندا هئا. (تعويذ به ائين ئي آهي) الله جو شڪر آهي جو هن، اسان مسلمانن کي ان جو بهتر بدل ڏنو آهي، يعني استخاري واري نماز ۽ ان جي مخصوص دعا کي مشروع ڪيو آهي.“([43])
حاصل ڪلام اهو ته اهڙا تعويذ جيڪي قرآن ۽ سنت مطابق نه هجن، اهي انهن تيرن وانگر آهن، ڇو ته انهن جي استعمال ۾ فاسد عقيدي ۽ شريعت جي مخالفت جو دخل آهي ۽ اهو مسلمانن جو طريقو نه آهي، ڇو ته خالص توحيد جا علمبردار اهڙي قسم جي عقيدي کان پاڪ هوندا آهن، ۽ انهن جي دلين جو پڪو ايمان، انهن شين جي آميزش کان مٿاهيون هونديون آهن، ۽ موحدَ پنهنجي پختي يقين جي ڪري غير الله تي توڪل ۽ ڀروسو ڪرڻ کان پري رهندا آهن.([44])
منهنجي خيال ۾ انهن دليلن ۽ عالمن جي فتوائن مان اها ڳالهه پڌري ٿيو وڃي ٿي ته تعويذ ۽ ان جهڙين شين تي تيستائين ڪو حڪم نه ٿو لڳائي سگهجي، جيستائين انهن کي استعمال ڪندڙ جي حالت ۽ خود تعويذن جي نوعيت جو بغور مطالعو نه ٿو ڪري وٺجي. اهو به ڌيان ۾ رهي ته شرڪ اصغر کي رڳو شرڪ اڪبر جي نسبت سان اصغر چيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ اها به ڪا معمولي شيءِ نه آهي. شرڪ اصغر ته گناهه ڪبيره کان به وڏو گناهه آهي، جيئن حضرت عبدالله بن مسعود فرمايو ته: ”لان احلف بالله کاذبا احب الي من ان احلف“ يعني ”الله جو ڪوڙو قسم کڻڻ منهنجي لاءِ ان ڳالهه کان بهتر آهي ته مان غير الله جو سچو قسم کڻان.“([45])
شيخ سليمان بن عبدالله بن محمد بن عبدالوهاب فرمائي ٿو ته حضرت ابن مسعود ، الله جو ڪوڙو قسم کڻڻ کي غير الله جو سچو قسم کڻڻ تي ترجيح ڏني آهي، ان ڪري جو الله جو قسم کڻڻ توحيد آهي ۽ غير الله جو قسم کڻڻ شرڪ آهي. جيتوڻيڪ غير الله جي قسم ۾ سچائي آهي، پر توحيد جو عقيدو اهڙي سچ ڳالهائڻ جي مقابلي ۾ وڏي نيڪي آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ، شرڪ کان ننڍڙو گناهه آهي، ان جو ذڪر شيخ الاسلام (ابن تيميه) ڪيو آهي.
حضرت عبدالله بن مسعود جو قول هن ڳالهه جي دلالت ڪري ٿو ته غير الله جو سچو قسم کڻڻ، يمين غموس (يعني اهڙو ڪوڙو قسم، جنهن سان غداري ڪرڻ جو ارادو دل ۾ هجي) کان ۽ شرڪ اصغر، گناهه ڪبيره کان وڏو گناهه آهي.([46])
شيخ محمد بن عبدالوهاب ”ڇلو ۽ ڌاڳو وغيره مصيبت روڪڻ يا ٽارڻ لاءِ پائڻ شرڪ آهي“ واري باب ۾ مستنبط مسئلن ۾ اصحابي سڳورن جي حوالي سان اهو به ذڪر ڪيو آهي ته ننڍي ۾ ننڍو شرڪ، وڏي ۾ وڏي گناهه کان به وڏو گناهه آهي.([47])
ٻيو ته شرڪ اصغر جي خطرناڪ هجڻ تي اهي آيتون ۽ حديثون به دلالت ڪن ٿيون، جن ۾ شرڪ تي (پڇاڻي ۽ سزا ڏيڻ) جا وعدا ڪيا ويا آهن، ڇو ته انهن ۾ شرڪ اصغر ۽ اڪبر ٻنهي جو ذڪر آهي. اهو ئي سبب آهي جو سلف صالحين شرڪ اڪبر تي دلالت ڪندڙ آيتن مان شرڪ اصغر تي به استدال ورتو آهي، جيئن حضرت ابن عباس ۽ حضرت حذيفه کان ثابت آهي.([48]) جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته:
وَمَن يُشْرِكْ بِاللّهِ فَقَدِ افْتَرَى إِثْمًا عَظِيمًا (النساءِ: 48)
ترجمو: الله سان جنهن به ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪيو، ان تمام وڏو ڪوڙ ڳالهايو ۽ اها تمام وڏي گناهه جهڙي ڳالهه آهي. (النساءِ 48)
ان الشرک لظلم عظيم (لقمان: 13)
ترجمو: بيشڪ شرڪ تمام وڏو گناه آهي.
اهو بيان شرڪ اصغر ۽ شرڪ اڪبر ٻنهي تي لاڳو ٿئي ٿو. وري گناهه ڪبيره جي جواب ۾ رسول الله ﷺ جو فرمان ”ان تعجل لله ندا و هو خلقک“ يعني ”توهان الله جو ڪو شريڪ بنائيندو، جڏهن ته ان ئي توهان کي پيدا ڪيو آهي.“ (بخاري 13/491) اهو بيان به ٻنهي قسمن جي شرڪ سان لاڳو آهي. جيئن حضرت ابن عباس ”اندادا“ جو تفسير شرڪ اصغر سان ڪيو آهي، جيئن شرڪ في الاسباب واري بيان ۾ اچي چڪو آهي.
ان مان پتو پوي ٿو ته ابن عباس نصي آيتن جو تعلق شرڪ اڪبر ۽ شرڪ اصغر، ٻنهي سان سمجهي ٿو.
شرڪ اصغر جي خطرناڪ هجڻ تي اها حديث به دلالت ڪري ٿي، جنهن ۾ اهو ذڪر آهي ته قيامت جي ڏينهن شرڪ اصغر ڪندڙ جو سڀ کان پهرين پڇاڻو ٿيندو، جيئن حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ کي فرمائيندي ٻڌو ته:_______________________________ ”قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهرين جنهن ماڻهوءَ جو فيصلو ٿيندو، اهو شهيد هوندو. ان کي آندو ويندو، پوءِ الله تعاليٰ کيس پنهنجين نعمتن کان واقف ڪندو، تانت هو انهن نعمتن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي وٺندو. (يعني دنيا ۾ حاصل ڪيل نعمتون کيس ياد اچي وينديون.) پوءِ الله تعاليٰ فرمائيندو تو انهن نعمتن جو ڇا ڪيو؟ هو جواب ڏيندو ته مون تنهنجي واٽ ۾ جهاد ڪيو، ايستائين جو شهيد ٿي ويس. الله تعاليٰ فرمائيندو ته تون ڪوڙ پيو ڳالهائين، بلڪه تون ان ڪري وڙهئين ته جيئن توکي بهادر چيو وڃي، اهو توکي مڃيو ويو. پوءِ حڪم ڏنو ويندو ۽ هن کي منهن ڀر گسرائيندي دوزخ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو. ان بعد ٻيو ماڻهو اهو هوندو، جنهن علم سکيو ۽ ٻين کي سيکاريو هوندو ۽ قرآن شريف به چڱيءَ طرح پڙهيو هوندو. ان کي آندو ويندو، الله تعاليٰ ان کي پنهنجيون نعمتون ياد ڏياريندو، ايستائين جو هو چڱيءَ طرح سڃاڻي وٺندو. پوءِ الله تعاليٰ فرمائيندو ته تون انهن نعمتن جو ڇا ڪيو؟ هو وراڻيندو ته مون علم سکيو، ماڻهن کي سيکاريو ۽ تنهنجي لاءِ قرآن به پڙهيو. الله تعاليٰ چوندو ته تون ڪوڙ پيو ڳالهائين، تو علم ان لاءِ سکيو هو ته جيئن توکي عالم سمجهيو وڃي، قرآن ان لاءِ پڙهئي ته جيئن توکي قاري ڪوٺيو وڃي، سو توکي ڪوٺيو ويو. پوءِ حڪم ڏنو ويندو ۽ هن کي منهن ڀر گسرائيندي دوزخ ۾ وڌو ويندو. ٽيون ماڻهو اهو هوندو، جنهن کي الله تعاليٰ خوب نوازيو هوندو ۽ کيس طرحين طرحين مال ۽ دولت ڏني هوندي. الله تعاليٰ کيس پنهنجين نعمتن کان آگاهه ڪندو، تانت هو سڃاڻي وٺندو. (يعني دنيا ۾ حاصل ڪيل نعمتون کيس ياد اچي وينديون.) پوءِ الله تعاليٰ چوندو ته تو انهن نعمتن جو ڇا ڪيو؟ هو وراڻيندو ته مون اهڙي ڪابه واٽ نه ڇڏي، جنهن تي توکي خرچ ڪرڻ پسند هجي، پوءِ مون ان تي خرچ نه ڪيو هجي. الله تعاليٰ چوندو ته تون ڪوڙ پيو ڳالهائين، بلڪه تو اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو هو ته جيئن توکي ڏاتار (فياض) سمجهيو وڃي، سو اهو توکي چيو ويو. پوءِ حڪم ٿيندو ۽ هن کي منهن ڀر گسرائيندي جهنم ۾ وڌو ويندو.“([49])
جيڪڏهن ڪنهن عمل سان بنيادي طور تي شرڪ اصغر شامل رهيو ته اهو عمل ئي رائيگان ۽ بيڪار آهي، جيئن رسول الله صه فرمايو آهي ته ”انا اغني الشرکاءِ عن الشرک، من عمل عملا اشرک معي فيه غيري ترکته و شرکه“([50]) يعني ”مان سمورن ڀائيوارن جي مقابلي ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ بي نياز آهيان، جنهن ڪو اهڙو عمل ڪيو، جنهن ۾ مون سان گڏ ڪنهن غير کي به شريڪ ڪري ڇڏيو ته مان ان کي ۽ سندس شرڪ کي ڇڏي ڏيندو آهيان.“
حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته هڪ ماڻهوءَ سوال ڪيو ته يا رسول الله صه! ڪو ماڻهو دنياوي فائدي لاءِ جهاد جو ارادو ڪري ته ؟ پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ”لا اجر له“ ان لاءِ ڪو اجر ڪونهي) ان ماڻهوءَ ٽي ڀيرا ساڳيو سوال پڇيو، پاڻ سڳورن هر ڀيري ساڳي ورندي ڏني ته ”لا اجر له“ (ان لاءِ ڪو به اجر ڪونهي)([51])
حضرت ابو امامه باهلي جي بيان ڪيل حديث ۾ آهي ته ڪو ماڻهو پاڻ سڳورن ﷺ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته يا رسول الله ﷺ! ان باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي جو ڪو ماڻهو ثواب ۽ ناماچاري ٻئي حاصل ڪرڻ لاءِ جهاد ڪري ته ان کي ڇا پلئه پوندو؟ پاڻ سڳورن ﷺ وراڻيو ته ”لا شيءِ له“ (کيس ڪجهه به نه ورندو) هن ٽي ڀيرا پنهنجو سوال ورجايو ۽ پاڻ سڳورا ﷺ هر ڀيري اهو ئي چوندا رهيا ”لا شيءِ له“ (کيس ڪجهه به نه ورندو) پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو: ”ان الله لا يقبل من العمل الا ما کان له خالصا، وابتغي به وجه“ يعني ”الله تعاليٰ رڳو اهو عمل قبول ڪندو اهي، جيڪو خالص سندس لاءِ هجي ۽ ان عمل جو مقصد رڳو کيس ئي راضي ڪرڻ هجي.“([52])
تعويذ ۽ انهن بابت حڪم
تعويذن جو حڪم الله جي ڪتاب ۽ رسول الله صه جي سنت ۽ اصحابي سڳورن جي فتوائن جي روشنيءَ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته انهن کي پائڻ، تعويذ ۽ تعويذ پائيندڙ جي حال ۽ نوعيت مطابق يا ته شرڪ اڪبر آهي يا شرڪ اصغر آهي. ان حڪم جي سلسلي ۾ ڪوبه قابل ذڪر اختلاف ڪونهي. البته قرآني آيتن ۽ ماثور دعائن (نبي ڪريم صه کان روايت ڪيل دعائن) مان مرتب ڪيل تعويذ جي باري ۾ عالمن جي هڪ جماعت جي راءِ اها آهي ته اهڙا تعويذ ممنوع نه آهن، بلڪه اهڙا تعويذ پائڻ جائز آهن. انهن عالمن ۾ سعيد بن مسيب، عطاءِ، ابو جعفر باقر، امام مالڪ رحمة الله عليهم شامل آهن. ان کان سواءِ امام احمد جي هڪ روايت ۽ ابن عبدالبر، بيهقي ۽ قرطبي جو قول به ساڳيو آهي. امام ابن تيميه، ابن قيم ۽ ابن حجر رحمهم الله جو ظاهري قول به ساڳيو ٿو معلوم ٿئي، پر ڪيترن ئي اصحابي سڳورن ۽ پوءِ جي عالمن جو خيال آهي ته قرآن ڪريم ۽ ماثور دعائن (نبي ڪريم ﷺ کان روايت ڪيل دعائن) جو تعويذ پائڻ جائز نه آهي. انهن عالمن ۾ حضرت ابن مسعود، ابن عباس، حذيفه، عقبه بن عامر ۽ ابن عڪيم رضي الله عنهم شامل آهن. ان کان سواءِ ابراهيم نخعي، امام احمد جي هڪ روايت، ابن العربي، شيخ عبدالرحمٰن بن حسن آل شيخ، شيخ سليمان بن عبدالله بن محمد بن عبدالوهاب، شيخ عبدالرحمٰن بن سعدي، حافظ حڪمي ۽ حامد الفقي رحمهم الله شامل آهن. انهن کان سواءِ موجوده دور جي عالمن مان شيخ الباني ۽ شيخ عبدالعزيز ابن باز رحمهم الله به انهن ۾ شامل آهن.([53])
قرآن ۽ حديث وارن تعويذن کي جائز ڪوٺڻ وارن جي دليلن جو تت اهو آهي ته:
1. پهريون دليل الله تعاليٰ جو اهو فرمان آهي ته:
وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْآنِ مَا هُوَ شِفَاء وَرَحْمَةٌ (الاسراءِ:82)
ترجمو: اسان هن قرآن نازل ڪرڻ دوران اهو ڪجهه نازل ڪري رهيا آهيون، جيڪو مڃڻ وارن لاءِ شفا ۽ رحمت آهي.
2. ٻيو دليل حضرت عائشه رضي الله تعالى عنها جو اهو قول آهي ته:
”ان التميمه ما علق قبل البلاءِ لا بعده“([54])
يعني ”منع ٿيل تعويذ اهو آهي، جيڪو مصيبت نازل ٿيڻ کان اڳ پاتو وڃي، نه ڪي اهو، جيڪو مصيبت نازل ٿيڻ کان پوءِ.
3. ٽيون دليل حضرت عبدالله بن عمرو جو اهو عمل آهي ته پاڻ پنهنجن نابالغ ٻارڙن جي گلي ۾ دعاءِ فزغ (جو تعويذ) وجهي ڇڏيندا هئا ۽ اهو هن طرح آهي ته:
”بسم الله، اعوذ بڪلمات الله التامات من غضبه و عقابه و شر عباده و من همزات الشيطان و ان يحضرون“([55])
يعني ”بسم الله، آئون پناهه گهران ٿو الله جي ڪلام تام جي، ان جي غضب ۽ عقاب کان ۽ سندس ٻانهن جي شر کان ۽ شيطانن جي وسوسن کان ۽ انهن جي مون وٽ اچڻ کان.“
اهي آهن قرآن ۽ حديث وارن تعويذن کي جائز ڪوٺڻ وارن جا دليل.
باقي بچيا ٻين قولن جا قائل، جيڪي قرآن ۽ حديث جي دعائن وارا تعويذ پهرڻ کان منع ڪن ٿا، انهن کي پهرين ڌر جي انهن دليلن ۾ ڪا حجت نظر نه ٿي اچي، ڇو ته:
1. آيت جو بيان اڻ چٽو آهي (يعني ان ۾ شفا ۽ علاج جو طريقو نه ٻڌايو ويو آهي) بلڪه قرآن ذريعي علاج ڪرڻ جو طريقو رسول الله ﷺ ٻڌايو آهي ۽ اهو آهي ان جي تلاوت ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ. ٻيو ته رسولله ﷺ کان قرآن جو ٺهيل تعويذ پهرڻ جي باري ۾ ڪا به روايت نه آئي آهي، بلڪه اصحابي سڳورن کان به ان سلسلي ۾ ڪا روايت بيان ڪيل ڪانهي.
2. ٻيو ته حضرت عائشه رضي الله عنها جو قول به اڻ چٽو آهي، ان ۾ قرآن واري تعويذ جي چٽائي ڪيل نه آهي، بلڪه رڳو ايترو بيان ڪيل آهي ته ”منع ٿيل تعويذ اهو آهي، جيڪو مصيبت نازل ٿيڻ کان اڳ پاتو وڃي، نه ڪي مصيبت نازل ٿيڻ کان پوءِ.“ جيئن ته سندس قول اڻ چٽو آهي، تنهنڪري مان مناسب نه ٿو سمجهان ته رڳو انهن روايتن جي بنياد تي ساڻن قرآن جو تعويذ پائڻ جو جواز منسوب ڪيو وڃي.
3. باقي بچيو عبدالله بن عمرو سان منسوب عمل! ته اهو محمد بن اسحاق جي عنعنه ۽ سندن مدلس هجڻ جي ڪري صحيح نه آهي.([56])
شيخ محمد حامد الفقي عبدالله بن عمرو واري روايت تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي چوي ٿو ته: ”ان روايت جي سند ضعيف آهي، ٻيو ته ان مفهوم تي دلالت به نه ٿي ڪري، ان ڪري جو هن روايت ۾ آهي ته عبدالله بن عمرو رضه پنهنجن وڏن ٻارڙن کي اها دعا ياد ڪرائيندو هو ۽ ننڍن ٻارڙن کي تختيءَ تي لکي انهن جي گلي ۾ لٽڪائي ڇڏيندو هو.“ هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها تختي ٻارڙن جي گلي ۾ دعا ياد ڪرڻ لاءِ لٽڪائيندو هو، نه ڪي تعويذ طور پارائيندو هو. ٻيو ته تعويذ ڪاغذ تي لکيو ويندو آهي، نه کي تختيءَ تي. ٽيون ته وڏن ٻارن کي اها دعا ياد ڪرائڻ به ان جو هڪ دليل آهي.“([57])
جيڪڏهن اصل ڳالهه اها آهي ته پوءِ پهرين ڌر جي قول جي ڪا حجت قائم ڪرڻ ناهي.
باقي بچي ٻي ڌر، يعني قرآن ۽ حديث جا تعويذ پائڻ کان به منع ڪرڻ وارا ته انهن جا ڏنل دليل هيٺ پيش ڪجن ٿا.
1. پهريون دليل اهو آهي ته تعويذن جي باري ۾ منع ٿيڻ جو نازل ٿيل حڪم عام آهي، ان سلسلي ۾ حرمت جا دليل پٺيان بيان ڪري آيا آهيون ۽ شريعت ۾ ان عام معنيٰ کان هٽي ڪري ٻي ڪا به ڳالهه بيان ڪيل نه آهي. تنهنڪري اهو حڪم عموم تي باقي آهي.
2. ٻيو دليل اهو آهي ته جيڪڏهن اهو عمل شرعي هجي ها ته پاڻ سڳورا ﷺ ان جو ذڪر ڪن ها، جيئن ”رقيه“ يعني دعا پڙهي ڦوڪڻ جو حڪم بيان فرمايو اٿن ۽ شرڪيه ڪلام نه هجڻ جي صورت ۾ ان جي اجازت ڏني اٿن، جيئن فرمايو اٿن ته:
”اعرضوا علي رقاڪم، لا باس بالرقي مالم يڪن فيها شرڪ“
يعني: ”توهان مونکي پنهنجي ٽوڻن ڦيڻن جا جملا ٻڌايو، جيڪڏهن انهن ۾ شرڪ نه آهي ته پوءِ ڪو اعتراض ڪونهي.“([58])
پر تعويذن جي باري ۾ پاڻ سڳورن ﷺ اهڙي قسم جي ڳالهه نه ڪئي آهي. (ان مان پتو پوي ٿو ته ڪنهن به قسم جو تعويذ جائز نه آهي.)([59])
3. ٽيون دليل اصحابي سڳورن جون اهي فتوائون آهن، جيڪي تعويذ جي منع ٿيڻ جي سلسلي ۾ اچي چڪيون آهن ۽ جن جي ابتڙ منسوب ٿيل قول (روايت ۽ درايت جي لحاظ کان) صحيح نه آهن، ڇو ته اصحابي سڳورا، پاڻ سڳورن ﷺ جي طريقي کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻندا هئا ۽ انهن وانگر ئي تابعي بزرگن به، جيئن ابراهيم نخعي عام لفظن ۾ ارشاد فرمايو آهي ته: ”اهي (يعني اصحابي سڳورا ۽ تابعي) هر قسم جي تعويذ کي مڪروه سمجهندا هئا، ڀلي اهي قرآن منجهان هجن، يا غير قرآن مان.“([60])
شيخ عبدالرحمٰن بن حسن جو بيان آهي ته: ”ابراهيم نخعي جو اشارو عبدالله بن مسعود جي شاگردن، جهڙوڪ علقمه، اسود، ابووائل، حارث بن سويد، عبيده سلماني، مسروق، ربيع بن خثيم ۽ سويد بن غفله وغيره ڏانهن آهي. اهي بزرگ وڏن تابعين مان آهن ۽ ابراهيم نخعي انهن برزگن جا قول بيان ڪرڻ لاءِ اهو ئي طريقو اختيار ڪندو هو، جيئن حافظ عراقيءَ ان جي وضاحت ڪئي آهي.“([61])
4. چوٿون دليل اهو آهي ته فساد جو خاتمو شرعي طور تي ڪرڻ واجب آهي ته جيئن شرڪيه تعويذ، قرآني تعويذن سان ايترو خلط ملط نه ٿي وڃن جو شڪ جي ڪري شرڪيه تعويذن کان به روڪڻ مشڪل ٿي وڃي. شيخ حڪمي فرمائي ٿو ته:
”بيشڪ انهن قرآني تعويذن کان روڪڻ ئي غلط اعتقاد کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو ٿي سگهي ٿو، خاص ڪري اڄڪلهه جي دور ۾، ڇو ته اصحابين ۽ تابعين جڏهن پنهنجي صاف سٿري زماني ۾ انهن کي مڪروه سمجهيو، جڏهن ته ايمان انهن جي دلين ۾ جبلن وانگر کُٿل هو، تڏهن هن فتنن سان ڀريل دور ۾ انهن تعويذن کي مڪروه قرار ڏيڻ وڌيڪ بهتر ۽ واجب آهي ۽ ڇو نه هجي، جڏهن ته تعويذ جو ڪاروبار ڪرڻ وارا اهڙي اجازت جو وجهه وٺي محرمات تائين پهچي چڪا آهن ۽ قرآني تعويذن کي انهن محرمات جو بهانو ۽ ذريعو بنائي رکيو اٿن. اهڙيءَ طرح جو اهي تعويذ ۾ هڪ آيت يا ڪا هڪ سوره يا رڳو بسم الله وغيره لکي ڇڏيندا آهن، پوءِ ان جي هيٺان شيطاني ذائچا بنائيندا آهن، جن کي رڳو اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جيڪي انهن جي ڪتابن کان ڀليءَ ڀت واقف هوندا آهن. ٻيو ته ان جي ذريعي اهي ماڻهن جي دلين کي توڪل علي الله کان هٽائي انهن لکيل ذائچن سان جوڙي ڇڏيندا آهن، بلڪه اڪثر تعويذن وارا ماڻهن کي هروڀرو به پيا ڊيڄاريندا آهن، جڏهن ته انهن کي ڪا بيماري نه هوندي آهي.
مثال طور اهڙو ماڻهو، جيڪو تعويذن جو ڪاروبار ڪندو آهي، جيڪڏهن ان کي خبر پئجي وڃي ته فلاڻو ماڻهو سندس پرستار آهي ته هو ان همراه جو مال هڙپ ڪرڻ لاءِ حيلا بهانا ڪندي کيس چوندو آهي ته ڏس تنهنجي گهر ٻار يا مال يا خود توتي مصيبت اچڻ واري آهي، يا اهو چوندو آهي ته تو تي جنن جو سايو آهي ۽ سندس آڏو شيطاني وسوسن بابت ڪي ڳالهيون ڪري کيس اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته کيس، ساڻس وڏي همدردي آهي ۽ هو سندس خيرخواه آهي. جڏهن ان سادڙي همراه جي دل ۾ ڊپ پوريءَ طرح ويهي ويندو آهي ته هو پنهنجي پالڻهار کان منهن موڙي دل و جان سان ڏانهس متوجهه ٿي ويندو آهي ۽ الله تعاليٰ کي ڇڏي ان جي پناهه ۾ اچي ويندو آهي ۽ مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ لڳندو آهي ۽ هن مڪار کان پڇي ويهندو آهي ته آخر ان ايندڙ مصيبت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو رستو ڪهڙو آهي؟ ڄڻ ته نفعي ۽ نقصان جو مالڪ اهو ئي هجي! هاڻي هن ڦوروءَ کي سندس اميد پوري ٿيندي نظر ايندي هي ۽ سندس لالچي نگاهون، هن جي مال تي پونديون آهن، جيڪو اهو همراه خرچ ڪري سگهندو آهي. پوءِ هو چوندو آهي ته جيڪڏهن تون مونکي هيترو هيترو مال ڏين ته مان تنهنجي لاءِ هيڏو سارو تعويذ لکي ڏيان. پوءِ هو، ان تعويذ جون خاصيتون ٻڌائيندو اهي ۽ انهن مرضن جي نشاندهي ڪندو آهي، جن لاءِ اهو تعويذ فائديمند هوندو آهي.
ڇا توهان انهن حرڪتن کي اهڙي اعتقاد هوندي به شرڪ اصغر ڪوٺيندو؟ نه، بلڪه اها غير الله جي تعظيم آهي، غير الله تي ڀروسو ڪرڻ آهي ۽ غير الله جي پناهه وٺڻ آهي، بيوقوفن ۽ نااهلن جو سهارو وٺڻ آهي ۽ دين کان خارج ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. ڇا شيطان اهڙي قسم جي حيلن تي شيطان جهڙن انسانن جي مدد کان سواءِ قابو پائي سگهي تو؟
قُلْ مَن يَكْلَؤُكُم بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ مِنَ الرَّحْمَنِ بَلْ هُمْ عَن ذِكْرِ رَبِّهِم مُّعْرِضُونَ (الانبياءِ:42)
ترجمو: اي محمد ﷺ انهن کي چئه! ڪير آهي، جيڪو رات يا ڏينهن ۾ توهان کي رحمٰن کان بچائي سگهي؟ ڳالهه اها آهي ته اهي پنهنجي پالڻهار کان منهن موڙي رهيا آهن.
پوءِ هو ان ۾ پنهنجن شيطاني ذائچن سان گڏ ڪجهه قرآني آيتون به لکي ٿو ۽ پائڻ واري ناپاڪائيءَ جي حالت ۾ به اهي پايو پيو هلندو آهي. ننڍي وڏي هر قسم جي نجاست هوندي به قرآن ساڻس گڏ هوندو آهي. هو ڪنهن به شيءِ کان ان کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. الله جو سُنهن! اسلام جي ڪنهن دشمن، الله جي ڪتاب جي اهڙي بيحرمتي نه ڪئي هوندي، جهڙيءَ طرح اسلام جا دعويدار ملحد ڪري رهيا آهن.
الله جو سُنهن! قرآن نازل ٿيو تلاوت ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ، ان ۾ ڏنل حڪم بجا آڻڻ لاء ۽ منع ٿيل ڳالهين کان پاسو ڪرڻ لاءِ، ان ۾ ڏنل ڳالهين جي تصديق ڪرڻ ۽ ان ۾ ڄاڻايل حدن ۾ رکڻ لاءِ، ان ۾ ڏنل مثالن مان عبرت وٺڻ ۽ ان جي قصن مان نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ان تي ايمان آڻڻ لاءِ، ڇو ته سڄو قرآن اسانجي پالڻهار پاران نازل ٿيل آهي، پر انهن تعويذ وارن انهن سمورن مقصدن کي بي معني ڪري ڇڏيو ۽ قرآن شريف کي پٺ تي رکي ڇڏيو، رڳو قرآن جي شڪل کي سنڀالي رکيو ته جيئن ان کي کائڻ ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بنائين، اهڙن وسيلن جيان، جن سان حرام ته نصيب ٿيندو، حلال ڪونه ٿي سگهندو.
جيڪڏهن ڪو بادشاهه يا امير پنهنجي ماتحت کي اهو پيغام موڪلي ته هيئن ڪر، هيئن نه ڪر، پنهنجن ماتحتن کي فلاڻي ڪم جو حڪم ڏي ۽ فلاڻي ڪم کان روڪ. هو اهو پيغام ملڻ بعد ان کي نه ڪي پڙهي، نه ئي ان ۾ ڏنل حڪمن تي غور و فڪر ڪري ۽ نه ئي پنهنجن ماتحتن تائين اها نياپا پهچائي، جن جو کيس حڪم ڏنو ويو آهي، بلڪه اهو نياپو ملندي ئي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڳاني ڪري وجهي يا ٻانهن ۾ ٻڌي ڇڏي ۽ ان ۾ موجود حڪمن کي ليکي به نه ته ڇا بادشاهه يا حاڪم کيس ان حرڪت جي سزا ڪونه ڏيندو؟ ان کان پڇا ڳاڇا نه ڪندو؟ جڏهن هڪ بادشاهه جي حڪم نه مڃڻ جي سزا ايتري ٿي سگهي ٿي ته پوءِ آسمانن ۽ زمين جي ان جبار ۽ قهار جي نازل ڪيل عظيم پيغام سان ناروا سلوڪ ڪرڻ جو ڪهڙو نتيجو نڪري سگهي ٿو، جنهن جو مثال آسمانن ۽ زمين ۾ سڀ کان اعليٰ آهي، جنهن لاءِ دنيا ۽ آخرت جون سموريون تعريفون آهن ۽ جنهن ڏانهن سمورا معاملا موٽايا ويندا. تنهنڪري رڳو ان جي عبادت ڪريو ۽ ان تي ئي ڀروسو ڪريو. اهو ئي اسان لاءِ ڪافي آهي، ان کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. ان تي ئي اسان ڀروسو ڪيو ۽ اهو ئي عرش جو مالڪ آهي.“([62])
5. پنجون دليل اهو آهي ته قرآن شريف جو تعويذ ٻڌڻ، قرآن شريف جي بيحرمتيءَ جو ڪارڻ آهي. مثال طور بيت الخلا وغيره ۾ اهڙو تعويذ پائي وڃڻ قرآن جي توهين آهي.
6. ڇهون دليل اهو آهي ته انهن ماڻهن جو قرآن کي کڻي گهمڻ، جيڪي قرآن جي معنيٰ به نه ٿا سمجهن، نه ئي ان جي عزت ٿا ڪن، اهي ماڻهو الله تعاليٰ جي ان عام فرمان ”کمثل الحمار يحمل اسفارا“ جي دائري ۾ اچن ٿا (جنهن جو مطلب اهو آهي ته انهن جو مثال انهن گڏهن جهڙو آهي، جيڪي شريعت جا ڪتاب کڻيو ڍوئيندا وتن ٿا، پر ان کي نه ڪو سمجهن ٿا، نه ئي ان تي عمل ڪن ٿا.) ڇو ته اهي نه ٿا ڄاڻن ته ان قرآني تعويذ ۾ ڇا آهي، نه ئي ان جي عزت ۽ توقير ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪڏهن انهن قرآني تعويذن تي نجاست به پئجي ويندي آهي، خاص ڪري ان مهل، جڏهن پائيندڙ چريو يا ننڍو ٻارڙو هجي.
7. تعويذ پائڻ واري فتويٰ يقيني طور تي سوره معوذات ([63]) وغيره جي ذريعي گهرجندڙ دعا جي سنت ختم ڪرائي سگهي ٿي، جيئن جيڪو ماڻهو سڄو قرآن لٽڪائيندو، اهو گمان ڪري سگهي ٿو ته هاڻي جڏهن سڄو قرآن منهنجي ڳچيءَ ۾ لٽڪيو پيو آهي ته پوءِ سوره معوذات ۽ آيت الڪرسي ([64]) وغيره پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
8. قرآن وارو تعويذ لٽڪائڻ واري فتويٰ جائز هجڻ ۽ ناجائز هجڻ وارا ٻئي پهلو رکي ٿي، ان لحاظ کان فساد کان بچڻ لاءِ اهڙي فتويٰ کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي. (والله تعاليٰ اعلم)
تعويذ ٻڌڻ اصل ۾ جاهليت جي دور جو طريقو آهي، جنهن ۾ جهالت جو غلبو هو. شيطانن، ماڻهن کي پنهنجو غلام بنائي سندن جهالت ۽ بيوقوفيءَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو هو. جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
وَأَنَّهُ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْإِنسِ يَعُوذُونَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوهُمْ رَهَقًا (الجن:6)
ترجمو: ۽ اهو ته انسانن مان ڪي ماڻهو، ڪن جنن کان پناهه گهرندا هئا، اهڙيءَ طرح انهن، جنن جو غرور ويتر وڌائي ڇڏيو.
عرب جاهليت واري دور ۾ جڏهن ڪنهن ميدان ۾ پهچندا هئا يا ڪنهن ڳتيل يا ڊپ ڊاءَ واري جڳهه تي رسندا هئا ۽ اتي جنن ڀوتن، جنگلي شينهن ۽ شيطانن جي شرارت کان ڊڄندا هئا ته انهن مان ڪو ڄڻو اٿي بيهي وڏي واڪي پڪاريندو هو: ”اسان سڀ هن واديءَ جي سردار جن کان پناه ٿا گهرون.“
اهڙيءَ طرح ڪوبه جن کين نقصان نه پهچائيندو هو ۽ کين ان جو اجورو به ملندو هو ۽ ان بنياد تي جاهل ماڻهو جنن جي نالي تي قرباني ڪري انهن سان ويجهڙائپ حاصل ڪندا هئا ته جيئن اهي کين اهنج نه رسائين. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو گهر ٺهرائيندو هو يا کوهه کوٽائيندو هو ته جنن جي شر کان بچڻ لاءِ ڪو جانور ذبح ڪندو هو.([65])
رڳو اهو نه بلڪه سندن اهو به خيال هو ته ڪن پٿرن، وڻن، حيوانن ۽ ڪن ڌاتن ۾ به ڪي اهڙا اثر هوندا آهن، جيڪي کانئن جنن جو خطرو يا انسانن جي بري نظر جو اثر هٽائي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح انهن، اهڙين شين جا تعويذ ٻڌا ۽ انهن بابت اعتقاد دلين ۾ ويهاري ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه رڳو پنهنجي پالڻهار کان سندن اڻڄاڻائي ۽ عدم اعتماد جي ڪري هو. ان ڪري ئي سندن تاريخن ۾ وٽن تعويذن جي گهڻي استعمال جو ذڪر ملي ٿو، جن مان ڪي نمونا هن ريت آهن:
1. نفره: ڪا شيءِ ٻار جي گلي ۾ بري نظر جي ڊپ کان لٽڪائي ڇڏبي هئي، جنهن سان جن ۽ انسان ٻئي نفرت ڪندا هئا، اهڙيءَ طرح ان ٻار کي نظر نه لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪم نجس ۽ ناپاڪ شين مان به ورتو ويندو هو. مثال طور حيض جا گندا ٽڪر يا هڏيون وغيره لٽڪايون وينديون هيون. يا وري ڪڏهن اڻ وڻندڙ جانورن جهڙوڪ قنفذ ([66]) وغيره جا نالا لکي لٽڪايا ويندا هئا.([67])
2. لومڙي يا ٻليءَ جي ڏندن جو تعويذ
3. عقره: ريٺن جو تعويذ، جنهن کي مايون پنهنجي چيلهه تي ٻڌنديون هيون ته جيئن اهي سُنڍ بڻجي وڃن ۽ ٻار نه پيدا ٿين.
4. ينجلب: ريٺن جو تعويذ، جيڪو رٺل مڙس کي پرچائڻ ۽ ان جي ڪاوڙ ختم ٿيڻ بعد سندس قرب ۽ محبت ٻيهر موٽائڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريندا هئا.
5. توله، قرزحله، درودبيس، ڪحله، ڪرار ۽ همره: هي سڀ تعويذ ريٺن ۽ موتين مان ٺهندا هئا، جيڪي پريم منتر جي حيثيت رکندا هئا. اهي تعويذ مڙس جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ پاتا ويندا هئا. انهن جي خيال ۾، ”ڪرار“ ۽ ”همره“ نالي ورا تعويذ هڪ خاص منتر آهي ۽ اهو هيءُ آهي: ”يا کرار کريه، يا همره اهمريه، ان اقبل فسريه، وان ادبر فضريه من فرجه الي فيه“([68])
يعني: ”اي موٽائڻ وارا ريٺا تون هن کي موٽائي، اي رئاڙڻ وارا موتي تون کيس رئاڙي ڇڏ. جيڪڏهن هو موٽي ٿو ته کيس خوش رک ۽ جيڪڏهن هو پري ٿو رهجي وڃي ته سندس شرمگاه کان وٺي سندس وات تائين کيس تڪليف ۾ مبتلا ڪر.“([69])
منهنجي خيال ۾ اهو منتر پروردگار جي ربوبيت ۽ الوهيت، ٻنهي ۾ شرڪ آهي. ربوبيت ۾ ان لحاظ کان جو هن منتر ۾ نفعي ۽ نقصان جو اعتقاد ۽ ان جي نسبت انهن ريٺن ۽ موتين ڏانهن ڪيل آهي، جيئن هن منتر ۾ آهي ته ”جيڪڏهن محبوب يا پريمي واپس اچي وڃي ته ان کي خوش رک ۽ جيڪڏهن منهن موڙي وڃي ته ان کي تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏ.“
وري الوهيت ۾ شرڪ ان ڪري آهي جو دعا ۽ استغاثه سان گڏ انهن ريٺن ڏانهن ڌيان ڏنو ويو آهي، جيئن هن منتر ۾ آهي ته ”اي موٽائڻ وارا ريٺا، تون هن کي موٽاءِ ۽ اي رئاڙڻ وارا موتي، تون کيس رئاڙ.“ اهڙيءَ بيڪسي ۽ بيوسيءَ کان الله جي پناه.
6. خصمه: موتين جو اهڙو تعويذ جيڪو بادشاهه جي درٻار ۾ حاضريءَ مهل يا جنگ جي ميدان ۾ پاتا ويندا هئا، جيڪي منڊيءَ جي هيٺان، يا قميص جي ٻــِيڙن ۾ يا تلوار جي پٽي ۾ ٻڌي ڇڏبا هئا.
7. عطفه: موتين مان ٺهيل اهي تعويذ، جيڪي (ماڻهن جي دلين ۾) پائڻ واري لاءِ شفقت ۽ محبت پيدا ڪندا هئا.
8. سلوان: صاف ۽ شفاف داڻن کي واريءَ جي هيٺان پوريو ويندو هو، تانت اهي ڪارا ٿي ويندا هئا. پوءِ انهن کي ڪڍي پاڻيءَ ۾ ڌوئي ماڻهوءَ کي پياريندا هئا ته ان کي تسلي ۽ سڪون ميسر ٿيندو هو، اهو به تعويذ وانگر ئي هوندو آهي.
9. قبله: اڇن داڻن جو تعويذ جيڪو بري نظر کان بچائڻ لاءِ گهوڙن جي گلي ۾ پاتو ويندو هو.
10. ودعه: سمنڊ مان لڀجندڙ هڪ قسم جي پٿر (اصل ۾ ڪوڏي، گهونگهو) جو تعويذ جيڪو اکين جو سور ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو.([70])
11. نانگ يا وڇونءَ جي کاڌل کي سونو زيور پارايو ويندو هو. انهن جي اعتقاد مطابق ان سان ئي ڏنگيل کي شفا ملي ويندي هئي. ان جي ابتڙ سندن عقيدو اهو هو ته ان ڏنگيل کي جيڪڏهن ڪنهن ڌاتوءَ جو زيور پارايو ويندو ته اهو مري ويندو.
12. سهي جي گوڏي جي هڏي بري نظر ۽ جادوءَ کان بچائڻ لاءِ پارائي ويندي هئي.([71])
13. تحويله: ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو وٽيل ڌاڳو، جيڪو مايون بري نظر کان بچڻ لاءِ پنهنجي چيلهه ۾ ٻڌي ڇڏينديون هيون. ان ۾ موتي ۽ چانديءَ جو ٺهيل چنڊ لڳل هوندا هئا.
اهي آهن اهل جاهليت جون ڪي خرافاتون ۽ تعويذ جي باري ۾ انهن جا عقيدا. انهن مان ڪي ته اڃا تائين (مسلمانن ۾) به موجود آهن. جيتوڻيڪ تعويذن جا قسم ۽ شڪليون مٽجي ويون آهن، پر عقيدو اهو ئي آهي، جيڪو اهل جاهليت جو هوندو هو.([72]) جيئن بري نظر کان بچڻ لاءِ گهوڙن جي ڳچين ۾ تندون ٻڌڻ ۽ اڄڪلهه ڪارن ۽ گاڏين ۾ جوتو لٽڪائڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ بيشڪ انهن ٻنهي ۾ ڪوبه فرق نه آهي ۽ حڪم به ٻنهي لاءِ ساڳيو آهي. (يعني شرڪ اڪبر يا شرڪ اصغر، جيڪو وڏي کان وڏي گناهه کان به وڏو هوندو آهي.)
شيخ ناصرالدين الباني ، حديث (من تعلق تميمه فقد اشرڪ“ جي تعليق ۾ ان ڳالهه جي تصحيح ڪرڻ بعد لکي ٿو ته: ”اڄ به اها گمراهي ڳوٺاڻن، هارين نارين، بلڪه ڪن مهذب ماڻهن ۾ به رائج آهي ۽ ساڳيءَ طرح جا ريٺا به آهن، جيڪي ڪي ڊرائيور پنهنجين گاڏين جي سامهون لڳائي ڇڏيندا آهن، يا پٺيان ڏسڻ واري آرسيءَ تي لڳائي ڇڏيندا آهن. ان کان سواءِ ڪي ماڻهو گهوڙن جي نعل گهر يا دڪان جي اڳيان (در تي) لڳائي ڇڏيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان خيال کان ڪيو ويندو آهي ته اهي شيون بري نظر کان بچائين ٿيون ۽ ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون حرڪتون ڪيون وينديون آهن، جيڪي توحيد جي خلاف ۽ ان جي ابتڙ شرڪ ۽ ڪفر وارن عملن منجهان آهن ۽ اهو جهالت جو نتيجو آهي.([73]) حالانڪه انهن کي ئي ختم ڪرڻ لاءِ رسول موڪليا ويا ۽ ڪتاب نازل ڪيا ويا. تنهنڪري مسلمانن کي ان جهالت ۽ دين کان دوريءَ جو شڪوو الله تعاليٰ سان ئي ڪري سگهجي ٿو.
ڪن ماڻهن وٽ اهو معاملو رڳو شريعت جي مخالفت جي حد تائين محدود ڪونهي، بلڪه اهي انهن تعويذن جي ذريعي الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ لڳندا آهن. جيئن شيخ جزولي ”دلائل الخيرات“ جو مولف ”يوم احد“ طبع بولاق جي ستين حزب جي صفحي 111 تي بيان ٿو ڪري ته:
”اللهم صل علي محمد و علي آل محمد ما سجعت الحمائم، وحمت الحوائم، وسرحت البهائم، ونفعت التمائم“([74])
يعني: ”اي الله! محمد ۽ آل محمد تي ان وقت تائين رحمتون نازل ڪر، جيستائين ڪبوتر ڳالهائيندا رهن، جهرڪيون اڏامنديون رهن، جانور چرندا رهن ۽ تعويذ فائدو ڏيندا رهن.“
ڪي شرڪيه تعويذ جيڪي اڄ به ڪن ملڪن ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن، اهي مشينن جي ذريعي تيار ڪيا ويندا آهن. انهن ۾ وڇونءَ جي تصوير ان مهل نقش ڪئي ويندي آهي، جڏهن چنڊ، برج عقرب ۾ هوندو آهي.([75]) ان تعويذ جي باري ۾ اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته جيڪو ماڻهو ان کي پنهنجي هٿ سان ڇهي وٺندو، ان کي وڇونءَ جي ڏنگڻ واري تڪليف ۾ فائدو رسندو.([76])
علامه شقيريءَ پنهنجي قيمتي ڪتاب ”السنن والمبتدعات“ ۾ انهن شرڪيه تعويذن جي مجموعي جو ذڪر ڪيو آهي، جن جو استعمال اڄڪلهه عام آهن. انهن مان هڪ تعويذ ۾ اکيون اٿلڻ جي مريضن لاءِ هيئن لکيو ويندو آهي ته : ”قل هو الله احد، ان في العين رمد، احمرار في البياض، حسبي الله الصمد، يا الٰهي باعترافي في اعتزال کعن ولد، عاف عني يا الٰهي، اکفني شر الرمد، ليس لله شريک، ولا کفوا احد“
يعني: ”چئه ته اهو الله هڪ اهي، بيشڪ منهنجي اک اٿلي آهي، اڇاڻ ۾ ڳاڙهاڻ اچي وئي آهي، منهنجو الله بي نياز ڪافي آهي، اي الله مونکي اعتراف آهي ته توکي اولاد جي حاجت نه آهي. اي الله! مونکي عافيت ڏي، اکيون اٿلڻ جي تڪليف کان مونکي ڇوٽڪارو ڏي. الله جو ڪو به شريڪ نه آهي، نه ئي شريڪ آهي نه ئي ڪو سندس همسر آهي.“
هن تعويذ ۾ قرآن سان شاعري ملائي وئي آهي، جنهن کان الله جي ڪتاب کي بچائي رکڻ ئي مناسب آهي.([77])
ٻيو تعويذ جنهن کي علامه شقيريءَ ”الرحمه في الطب والحکمه“ نالي ڪتاب مان نقل ڪيو آهي، اهو انڌي پڻ لاءِ آهي ۽ اهو هن ريت آهي ته:
”عزمت عليک ايتها العين بحق شراهيا، براهيا، او نواي اصابوت آل شداي، عزمت عليک ايتها العين التي في فلان بحق شهت بهت اشهت.....“([78])
هن تعويذ ۾ شيطانن جو قسم کنيو ويو آهي. ڪفر ۽ ڪافرن کان الله جي پناه!
اڳتي جنيه لاءِ هڪ حجاب جو ذڪر ڪيل آهي، جيڪو هن طرح آهي:
”الم تر کيف فعل ربک بالقرينه، الم يجعل کيد القرينه في تضليل، وارسل علي القرينه طيرا ابابيل، ترميهم بحجاره من سجيل، فجعل القرينه ، کعصف ماکول، يا عافي، يا قابل، يا شديد، يا ذالطور“([79])
”ڇا تو ڏٺوته تنهنجي پالڻهار قرينه يعني جنيه سان ڇا ڪيو؟ ڇا جنيه جي چال بيڪار نه ڪري ڇڏي؟ ۽ جنيه تي جهڙڪين جو ٽولو موڪلي ڇڏيو، جيڪي انهن مٿان مٽيءَ جون گوليون اڇلي رهيون هيون، تانت جنيه کي کاڌل ڀوسي وانگر ڪري ڇڏيائون. اي عافيت ڏيڻ وارا! اي قبول ڪرڻ وارا! اي سخت پڇاڻو ڪرڻ وارا! اي طاقت وارا!
اها به قرآن سان مشڪري ۽ مذاق آهي، اصل قرآن کي مٽائڻ آهي. انهن واقعن سان انهن عالمن جي فتوائن جي تقويت ملي ٿي، جيڪي شرڪ جو دروازو بند ڪرڻ لاءِ قرآن جو تعويذ بنائڻ کي حرام ڪوٺين ٿا، جنهن جا ڪي مثال مٿي ٻڌائي آيا آهيون.([80])
سماحته الشيخ عبدالعزيز بن باز فرمائي ٿو ته: ”بيمارن ۽ ٻارن کي تعويذ پهرائڻ جائز ڪونهي، جيڪي تعويذ پاتا ويندا آهن، انهن کي تمائم، حروز ۽ جوامع چوندا آهن. انهن جي باري ۾ صحيح حڪم اهو آهي ته اهي سڀ حرام ۽ شرڪ آهن، ڇو ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته: من تعلق تميمه فلا اتم الله له، و من علق ودعه فلا ودع الله له يعني ”جنهن تعويذ پاتو، الله تعاليٰ ان جي مراد پوري نه ڪري ۽ جنهن ڪوڏيون پاتيون، الله تعاليٰ ان کي راحت ۽ سڪون نصيب نه ڪري.“([81])
پاڻ سڳورن ﷺ اهو به فرمايو آهي ته: ”من تعلق تميمه فقد اشرڪ“([82]) يعني ”جنهن تعويذ ٻڌو، ان شرڪ ڪيو.“
”ان الرقي والتمائم والتوله شرک“([83]) يعني ”بيشڪ جاڙ ڦوڪ ([84]) تعويذ ۽ پريم منتر سڀ شرڪ آهن.“
انهن سمورين حديثن جي روشنيءَ ۾ اهي ساريون شيون حرام ۽ شرڪ آهن. عالمن جو اختلاف آهي ته جيڪڏهن تعويذ، قرآن شريف يا مباح ڪيل دعائن وارو هجي ته ڇا اهو حرام آهي يا نه؟ ته صحِيح حڪم انهن جي حرمت جو آهي، ان جا ٻه ڪارڻ آهن.
1. پهريون ڪارڻ مٿي ڏنل حديثن جو عمومي بيان آهي، ڇو ته اهي حديثون هر طرح جي تعويذ سان لاڳو ٿين ٿيون، چاهي اهو قرآني هجي يا غير قرآني.
2. ٻيو ڪارڻ شرڪ جا رستا بند ڪرڻ آهي، ڇو ته جيڪڏهن قرآني تعويذ کي جائز قرار ڏئي ڇڏجي ته ٻيا غير قرآني تعويذ به انهن سان مليو ويندا ۽ معاملو شڪ گاڏڙ ٿي پوندو. ٻيو ته هر طرح جا تعويذ پائڻ لاءِ وجهه ملي ويندو ۽ اها ته اسان کي خبر آهي ته انهن طريقن ۽ رستن کي بند ڪرڻ، جيڪي شرڪ ۽ گناه ڏانهن وٺي وڃن ٿا، شريعت جي اهم اصولن مان آهي.“([85])
شيخ محمد بن صالح العثيمين ، تعويذ ۽ حجاب لٽڪائڻ جي حڪم جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ فرمائي ٿو ته:
”انهن مسئلن يعني حجاب ۽ تعويذ جا ٻه قسم آهن: هڪڙو اهو ته اهي تعويذ قرآني هجن، ٻيو اهو ته قرآن کان سواءِ اهڙين شين جا هجن، جن جي معنيٰ نه سمجهه ۾ ايندڙ هجي. پهرئين قسم جا تعويذ يعني قرآني تعويذ لٽڪائڻ جي باري ۾ عالمن ۾ اختلاف رهيو آهي ۽ اڄ به آهي. جيئن ڪي عالم انهن کي جائز چون ٿا ۽ الله تعاليٰ جي فرمان ” ([86])
۽
([87])
۾ داخل سمجهن ٿا ۽ قرآن جي برڪت مان آهي ته ان کي مصيبت دور ڪرڻ لاءِ لٽڪايو وڃي. جڏهن ته ڪي عالم قران جي تعويذ کي به ناجائز قرار ڏين ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته قرآن لٽڪائڻ پاڻ سڳورن ﷺ کان ثابت نه آهي ته ڪو اهو شرعي سبب آهي، جنهن جي ذريعي مصيبت کي رفع دفع ڪري سگهجي ٿو، بلڪه ان قسم جي شين ۾ اصل توقيف آهي.([88]) ۽ اهو ئي قول راجح به آهي ته تعويذ پائڻ جائز نه آهي، ڀلي اهي قرآني تعويذ ڇو نه هجن، نه ئي انهن کي مريض جي ويهاڻي هيٺان رکڻ يا ڀتين تي لٽڪائڻ جائز آهي ۽ جيڪو به انهن سان ملندڙ جلندڙ طريقو آهي، اهو به ناجائز آهي، بلڪه بيمار لاءِ دعا ڪئي وڃي ۽ ان تي سڌو سنئون قرآن پڙهيو وڃي، جيئن رسول الله ﷺ ڪندا هئا.“([89])
پڄاڻي
الله تعاليٰ جي توفيق سان هيءُ مختصر بحث پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. هن بحث مان جيڪي نتيجا نڪتا، اهي هن ريت آهن؛
1. جاهليت جي دور وارن وٽ تعويذ عام شيءِ هئي. انهن وٽ تعويذن جي باري ۾ مخلتف عقيدا، اجايون ۽ ڪوڙيون ڳالهيون مشهور هيون.
2. تعويذ پائڻ انسان جي عقيدي ۾ خلل ۽ فڪر ۽ نظر جي ڪمزوريءَ جي نشاندهي ڪن ٿا.
3. تعويذ پائڻ، تعويذ ۽ تعويذ واري جي حال مطابق ڪڏهن شرڪ اڪبر هوندا آهن ته ڪڏهن شرڪ اصغر هوندا آهن.
4. شرڪ اصغر، وڏن گناهن کان به وڏو گناهه آهي، جيئن اصحابي سڳورن فتويٰ ڏني آهي.
5. تعويذ پائڻ جي وبا ماڻهن ۾ سدائين کان موجود رهي آهي. جادوگر، شعبدي باز ۽ اهڙن ٻين ماڻهن ان عمل کي رواج ڏنو آهي.
6. خير لاءِ يا آئيءَ کي ٽارڻ لاءِ تعويذ پائڻ جو نه ڪو شرعي سبب آهي نه ئي قدرتي.
7. قرآن ۽ حديث ۾ تعويذ پائڻ ۽ لٽڪائڻ جي منع ڪرڻ وارو قول ئي درست آهي.
[1] تيسر العزيز الحميد ص 497
[2] واهنه: ڪلهن ۽ هٿن سميت يا رڳو هٿن ۾ لڳل هڪ قسم جي بيماريءَ جو نالو. ڏسو النهايه 5/234
[3] منسد احمد 4/445، حاڪم ان کي 4/216 تي صحيح ڪوٺيو آهي. ذهبيءَ ان سان سهمت ڪئي آهي. ابن ماجه 3531، دَوسريءَ ”النهج“ جي صفحي 55 تي، مبارڪ بن فضاله جي تدليس جي ڪارڻ ان کي ضعيف ڪوٺيو آهي.
[4] عبدالله مان مراد عبدالله بن ابي بڪر آهي، جن اها حديث عباد بن تميم کان روايت ڪئي آهي.
[5] صحيح بخاري مع فتح الباري 6/141
[6] تند ڪٽڻ جي حڪم جي علت ڏانهن اشارو آهي. يحيٰ جو چوڻ اهي ته مون امام مالڪ کي چوندي ٻڌو ته منهنجي خيال ۾ اهو بد نظر جي ڪري آهي. (ڏسو موطا امام مالڪ صفحو 670)
[7] حمره، يعني ڳاڙهو رنگ اهو هڪ قسم جي وبائي بيماريءَ جو نالو آهي، جنهن ۾ بخار ٿيندو آهي ۽ بدن تي ڳاڙها داڻا ٿي پوندا آهن. ڏسو مصباح اللغات صفحو 175)
[8] مسند احمد 4/210، حاڪم 4/216، ترمذي ۽ البانيءَ صحيح ترمذي ۾ 2/208 تي ان کي حسن لکيو آهي.
[9] مسند احمد 4-135 ۽ البانيءَ صحيح ابو دائود ۾ 1/10 تي ان کي صحيح ڪوٺيو آهي.
[10] ڏسو بيهقي 9-350 ۽ مستدرڪ حاڪم 4/217
[11] اهڙن ڀلارن روحن تي سنڌيءَ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو هيءُ شعر ڪيڏو نه ٺهڪي ٿو اچي ته:
کٽين يا هارائين، هنڌ تنهنــجـو هــيءُ،
پاڻان چوندُءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.
(سنڌيڪار)
[12] لطيف سائين الله جي وحدانيت جي حق کي تسليم ڪندي شرڪ يعني ٻيائي ڪرڻ وارن لاءِ هن طرح فرمايو آهي ته:
وحده لا شريڪ له، اِيُ هيڪڙائيءَ حق،
ٻيائيءَ کي ٻـک، جن وڌو سي ورسيــا،
يعني وحدانيت جو الله استحقاق رڳو الله تعاليٰ کي ئي حاصل آهي، جن به ٻيائي يعني شرڪ ڪيو، اهي نقصان ۾ ئي ويا آهن. (سنڌيڪار)
[13] الجواب الڪافي 113 کان 121
[14] الشرڪ و مظاهره للميلي ص 66
[15] جيئن الله تعاليٰ سوره نساءِ جي آيت نمبر 48 ۾ فرمايو آهي ته: ”إِنَّ اللّهَ لاَ يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَلِكَ لِمَن يَشَاء وَمَن يُشْرِكْ بِاللّهِ فَقَدِ افْتَرَى إِثْمًا عَظِيمًا“يعني ”بيشڪ الله تعاليٰ شرڪ کي معاف نه ڪندو. جڏهن شرڪ معاف ئي ڪونهي ته مشرڪن لاءِ شفاعت ڪرڻ جي اجازت جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. ٻيو ته صحيح مسلم ۾ حضرت ابو هريره کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ”لکل نبي دعوه مستجابه، فتعجل کل نبي دعوته، اني اختبات دعوتي شفاعه لامتي يوم القيامه“ يعني ”هر نبيءَ لاءِ هڪ مقبول دعا آهي ۽ هر نبي پنهنجيون پنهنجيون دعائون گهري چڪو آهي، پر مون پنهنجي دعا قيامت جي ڏينهن پنهنجي امت جي شفاعت لاءِ بچائي رکي آهي، جيڪا ان شخص کي حاصل ٿيندي، جيڪو ان حال ۾ مئو هجي جو ان الله تعاليٰ سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو هجي.“ (مسلم 2/76، کتاب الايمان، حديث نمبر 338(م م)
[16] مدارج السالڪين 1/343
[17] مجوسي يعني باهه جي پوڄا ڪرڻ وارا. انهن جو عقيدو آهي ته خدا ٻه آهن، هڪڙو ”نور“ يعني روشني ۽ ٻيو ”ظلمت“ يعني تاريکي. ڀلائي پيدا ڪرڻ وارو نور آهي ۽ برائي پيدا ڪرڻ وارو ظلمت آهي. ڏسو الڪواشف الجليه عن معاني الواسطيه ص 644 ۽ تفسير جي ڪتابن ۾ سوره حج جي آيت نمبر 17 (م م) (نور واري خدا کي اهورا مزدا (اسر مگهوا) چوندا آهن ۽ ظلمت واري خدا کي اهرمن – سنڌيڪار)
[18] نصراني، عيسيٰ عه جا پوئلڳ آهن. اهي پيءُ (يعني الله تعاليٰ)، پٽ (يعني عيسيٰ عه) ۽ روح القدس (يعني مريم عه) کي خدائي مجموعو مڃيندا آهن. ڏسو تفسير قرطبي 6/23 سوره نساءِ آيت 71 ۽ 6/249، 250، سوره مائده آيت 73 ۽ ٻيا تفسير (م م ) (دراصل ٽن خدائن جي مجموعي کي تثليث چيو ويندو آهي ۽ عيسائيت کي مڃيندڙن مطابق اهي ٽئي جڳ جو چرخو هلائڻ ۾ هڪ ٻئي جا شريڪ آهن - سنڌيڪار)
[19] انهن جو شرڪيه عقيدو الله تعاليٰ هن طرح بيان ڪيو آهي ”وَالَّذِينَ اتَّخَذُوا مِن دُونِهِ أَوْلِيَاء مَا نَعْبُدُهُمْ إِلَّا لِيُقَرِّبُونَا إِلَى اللَّهِ زُلْفَى“ (الزمر:3) (يعني باقي بچيا اهي ماڻهو، جيڪي الله کان سواءِ ٻين کي سرپرست بڻائين ٿا، (اهي پنهنجي ان عمل جو ڪارڻ اهو ٻڌائيندا آهن ته) اسان انهن جي عبادت رڳو ان لاءِ ٿا ڪريون ته جيئن اهي الله تعاليٰ تائين اسان جي رسائي ڪرائين. (م م)
[20] جنهن جو ذڪر الله تعاليٰ هن آيت ۾ ڪيو آهي ته ”اتَّخَذُواْ أَحْبَارَهُمْ وَرُهْبَانَهُمْ أَرْبَابًا مِّن دُونِ اللّهِ وَالْمَسِيحَ ابْنَ مَرْيَمَ وَمَا أُمِرُواْ إِلاَّ لِيَعْبُدُواْ إِلَـهًا وَاحِدًا لاَّ إِلَـهَ إِلاَّ هُوَ سُبْحَانَهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ“ (التوبه: 31) يعني ”انهن پنهنجن عالمن ۽ درويشن کي الله کان علاوه پنهنجو رب مڃي ورتو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ابن مريم کي به، جڏهن ته انهن کي هڪ معبود کان سواءِ ڪنهن جي به بندگي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو ويو هو. ان کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. پاڪ آهي اهو انهن جي شرڪ وارين ڳالهين کان، جيڪي اهي ماڻهون ڪن ٿا.“
حضرت عدي بن حاتم ، جيڪو پهرين عيسائي هو، جڏهن پاڻ سڳورن صه وٽ حاضر ٿي اسلام جي دولت کان مالا مال ٿيو ته پاڻ سڳورن ﷺ سندن آڏو اها آيت پڙهي ته وراڻيائين ته اهي يعني نصراني پنهنجن عالمن ۽ برزگن جي عبادت ته نه ڪندا آهن! پاڻ سڳورن صه فرمايو ته ڇو نه! اهي حلال کي حرام ۽ حرام کي حلال ڪندا آهن ۽ عوام انهن جي پوئواري ڪندو آهي ته اها انهن جي عبادت آهي. اها حديث امام احمد ۽ ترمذيءَ روايت ڪئي آهي ۽ ترمذيءَ ان کي حسن قرار ڏنو آهي. ان کان علاوه عبد ابن حميد، ابن ابي حاتم ۽ طبرانيءَ مختلف طريقن سان اها روايت بيان ڪئي آهي. (ڏسو فتح المجيد ص 110 ۽ تفسير جا ٻيا ڪتاب) هن آيت ۽ ان جي تفسير مان پتو پوي ٿو ته الله جي ڪتاب ۽ رسول الله جي سنت کان سواءِ جيڪي ماڻهو انساني زندگيءَ لاءِ جائز ۽ ناجائز جو حدون مقرر ڪندا آهن، اهي اصل ۾ پنهنجيءَ پر ۾ خدائي مقام تي هوندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن جي ان شريعت سازيءَ جي حق ۽ قانون سازيءَ کي تسليم ڪندا آهن، اهي انهن کي خدا وانگر سمجهندا آهن. (بحواله فتح المجيد ۽ تفسير جا ٻيا ڪتاب)(م م)
[21] اهو ٽولو خالق مختار جو منڪر آهي. زماني جي گردش کي خالق مڃي ٿو، يعني ان ڳالهه جو قائل آهي ته ڪائنات جي گردش سان طبيعتن ۾ امتزاج پيدا ٿيندو آهي، جنهن سان شيون وجود ۾ اينديون آهن. پوءِ جيئن ئي اهو امتزاج هڪ خاص شڪل ۾ وجود پذير ٿيندو آهي ته ڪا شيءِ پيدا ٿيندي آهي ۽ اهو ئي امتزاج جڏهن ان جي ابتڙ ٿيندو آهي ته ڪا شيءِ مري ويندي آهي يا فنا ٿي ويندي آهي، يعني پيدا ڪرڻ واري ۽ مارڻ واري طاقت اصل ۾ ڪائنات جي گردش آهي، ڪنهن خالق مختار جي ضرورت نه آهي. (ڏسو امام رازيءَ جو تفسير ڪبير، سوره جاثيه آيت وما يهلکنا الا الدهر)
[22] دنياوي مقصد جيڪڏهن رڳو رياڪاري، شهرت ۽ نام نمود هجن ته ان جي شرڪ هجڻ جو ثبوت ان حديث ۾ موجود آهي ”من صلي يرائي فقد اشرک، و من صام يرائي فقد اشرک، و من تصدق يرائي فقد اشرڪ“ يعني جنهن ڏيکاءَ لاءِ نماز پڙهي، ان شرڪ ڪيو، جنهن ڏيکاءَ لاءِ روضو رکيو، ان شرڪ ڪيو ۽ جنهن ڏيکاءَ لاءِ صدقو ڏنو، ان شرڪ ڪيو.“(مسند احمد 4/126)
۽ جيڪڏهن مال ۽ دولت يا مقام ۽ مرتبو وغيره حاصل ڪرڻ مقصود هجي ته ان جو شرڪ هجڻ هن حديث مان واضح ٿئي ٿو ته ”وتعس عبدال دينار، و تعس عبدالدرهم، و تعس عبدالخميصه، و تعس عبدالخميله، ان اعطي رضي، ان لم يعط سخط“ يعني هلاڪ ٿيو دينار جو ٻانهو، هلاڪ ٿيو، درهم جو ٻانهو، هلاڪ ٿيو اوني چادر جو ٻانهو، هلاڪ ٿيو مخملي چادر جو ٻانهو، (تڏهن) جڏهن ان کي ڏنو ويو ته خوش ٿيو ۽ جيڪڏهن نه ڏنو ويو ته ناراض ٿي ويو.“(ڪتاب الجهاد، باب 70)
[23] شيخ عبدالعزيز المحمد السلمان شرڪ اڪبر ۽ شرڪ اصغر جي وچ ۾ چار فرق بيان ڪيا آهن. شرڪ اڪبر ڪندڙ کي هرگز معاف نه ڪيو ويندو ۽ شرڪ اصغر ڪندڙ الله جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي، وڻيس ته معاف ڪري ڇڏيندو، نه وڻيس ته معاف ڪونه ڪندو.
[24] مسند احمد 5/384
[25] بس جڏهن توهان ڄاڻو ٿا ته پوءِ ٻين کي الله برابر نه آڻيو. (سوره بقره آيت 22 (م م)
[26] تفسير ابن ڪثير 1/57
[27] ڏسو تفسير قرطبي 1/127
[28] احمد 2/34، حاڪم 1/118 ۽ حاڪم ان کي صحيح ڪوٺيو آهي. ذهبيءَ ان جي قول سان موافقت ڪئي آهي، ترمذيءَ حديث نمبر 1590 ۾ روايت ڪئي آهي، البانيءَ، صحيح ترمذي ۽ ارواءِ الغليل حديث نمبر 1561 ۽ الصحيحه نمبر 2042 ۾ ان کي صحيح ڪوٺيو آهي. ڏسو ترمذي 2/99
[29] بيهقي 2/291، دَوسريءَ ان کي ”النهج“ صفحي 211 تي صحيح ڪوٺيو آهي ۽ چيو آهي ته ابن خزيمه حديث نمبر 927 ۾ روايت ڪئي آهي ۽ ذهبيءَ ”مهذب“ 2/261 ۾ ان کي حسن ڪوٺيو آهي.
[30] حاڪم 4/329 ۾ ان کي بيان ڪيو آهي ۽ صحيح ڪوٺيو آهي. ذهبيءَ ان سان سهمت ڪئي آهي ۽ دَوسريءَ ”النهج“ جي صفحي 211 تي ان کي حسن ڪوٺيو آهي ۽ ان جي تخريج ڪرڻ وارن جو ذڪر ڪيو آهي.
[31] حاڪم ¼ ۾ ان کي صحيح ڪوٺيو آهي ۽ ذهبيءَ ان سان سهمت ڪئي آهي. ابن ماجه حديث نمبر 3989 ۽ دۡوسريءَ ”صحيح النهج“ ۾ ان کي صحيح قرار ڏنو آهي ۽ ان جي تخريج ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
[32] ڌسو ”الشرڪ و مظاهر“ للميلي ص 66
[33] صحيح بخاري: ڪتاب الجهاد، باب 70
[34] احمد 1/389، حاڪم 1/71 تي ان کي صحيح ڪوٺيو آهي، ذهبيءَ ان سان سهمت ڪئي آهي. ابودائود حديث نمبر 3910، ترمذيءَ حديث نمبر 4161 ۽ البانيءَ صحيح سنن ابودائود ۾ 2/740 ۽ الصحيحه نمبر 430 ۾ ان کي صحيح قرار ڏنو آهي.
[35] احمد 2/220، دَوسريءَ ”النهج“ ۾ صحيح ڪوٺيو آهي، هيثميءَ 5/105 تي چيو آهي ته ان حديث جي سند ۾ ابن لهيعه جو نالو اچي ٿو ۽ ان جي حديث حسن آهي ۽ ٻيا رجال ثقات آهن.
[36] القول السديد للشيخ عبدالرحمٰن بن سعدي ص 24
[37] القول السيدي ص 34 کان 38
[38] امام احمد وغيره اها حديث عمران بن حصين کان روايت ڪئي آهي.
[39] التوضيح عن توحيد الخلائق ص 268
[40] ڏسو تيسير العزيز الحميد ص 154، 158، 162
[41] مجموعه فتاويٰ ابن باز 2/384
[42] حاشيه فتح المجيد ص 133
[43] استخاري جو مطلب ۽ ان جو طريقو اهو آهي ته ماڻهو جڏهن ڪو اهڙو جائز ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪري، جنهن جي چڱي بري هجڻ جو پتو نه هجي ته الله تعاليٰ کان ان ڪم ۾ خير ۽ برڪت طلب ڪرڻ ۽ ان جي شر کان بچڻ لاءِ پهرين ٻه رڪعتون نفل استخاري جي نماز جي نيت سان پڙهي، ان بعد هيءَ استخاري جي دعا پڙهي: ”اللهم اني استخيرک بعلمک، واستقدرک بقدرتک، واسائلک من فضلک العظيم، فانک تقدر ولا اقدر، وتعلم ولا اعلم، انت علام الغيوب، اللهم ان کنت تعلم ان هذا الامر خير لي في ديني ومعيشتي وعاقبت امري، عاجله او اجله، فاقدره لي ويسره لي، وبارک لي في، وان کنت تعلم ان هذا الامر شر لي في ديني و معيشتي و عاقبت امري، عاجله او اجله، فاصرفه عني، واصرفني، واقدرلي الخير حيث کان ثم ارضني“
يعني ”اي الله! آئون تنهنجي علم جي حوالي سان توکان ڀلائي گهران ٿو، تنهنجي قدرت جي حوالي سان توکان طاقت مڃيان ٿو ۽ تنهنجي فضل عظيم لاءِ توکي ٻاڏايان ٿو. تون وس وارو آهي، آئون بيوس آهيان، تون ڄاڻين ٿو، آئون اڻڄاڻ آهيان ۽ تون غيب جي خبر رکندڙ آهين. اي الله! تون منهنجي هن ڪم ۾ (هتي ڪم جو نالو وٺبو، جنهن جو ارادو ڪيل هجي) منهنجي لاءِ منهنجي دين ۾، منهنجي دنيا ۾، منهنجي آخرت ۾، ۽ انجام ڪار دير يا سوير منهنجي ڀلائي ڄاڻي ٿو ته ان کي منهنجو مقدر بناءِ ۽ ان کي منهنجي لاءِ آسان ڪر ۽ ان ۾ برڪت عطا ڪر ۽ جيڪڏهن هن ڪم کي مون لاءِ نقصانڪار سمجهين ٿو ته منهنجي دين ۾، منهنجي دنيا ۾، منهنجي آخرت ۽ انجام ڪار دير يا سوير ته هن ڪم کي مون کان دور ڪري ڇڏ ۽ مونکي ان کان پري هٽائي ڇڏ ۽ ڀلائي جتي به هجي، ان کي منهنجو مقدر فرماءِ، پوءِ مونکي ان تي راضي رک.
ان بعد الله تي ڀروسو ڪري ڪم شروع ڪري ڇڏي ته انشاءَ الله خير ۽ برڪت نصيب ٿيندي ۽ نقصان ۽ خطرن کان نجات ملي ويندي. (بخاري ڪتاب التهجد، ٻه ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ وارو باب ۽ ڪتاب التوحيد، ترمذي ۾ استخاري جي نماز وارو باب، نسائي ڪتاب النڪاح، استخاري وارو باب حديث 3255، ابن ماجه ڪتاب اقامت صلاه، استخاري واري نماز وارو باب حديث 1383، احمد حديث 3176، معالم السنن مع ابودائود 2/188) (م م)
[44] معارج القبول للحڪمي 1/384
[45] مصنف عبدالرزاق 8/469، ۽ مجمع الزوائد 4/177 ۾ روايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته طبرانيءَ ”الڪبير“ ۾ ان جي روايت ڪئي آهي ۽ ان جا راوي صحيح آهن.
حضرت ابن عباس فرمائي ٿو ته ”آئون هڪ سو ڀيرا الله جو قسم کڻان ۽ ٽوڙي ڇڏيان، اهو ان کان بهتر آهي ته غير الله جو قسم کڻان ۽ ان کي پورو ڪريان. نووي مع مسلم 6/118 (م م)
[46] تيسر العزيز الحميد ص 594
[47] القول السديد ص 36
[48] ڏسو تيسر العزيز الحميدي ص 154 کان 164
[49] صحيح مسلم مع شرح نووي 13/50
[50] مسلم مع شرح نووي، ڪتاب الزهد 18/115
[51] حاڪم 2/75 ۾ ان کي صحيح ڪوٺيو آهي ۽ امام ذهبيءَ ان سان سهمت ڪئي آهي. مسند احمد 2/290، بيهقي 9/169، ابودائود 3/31، حديث نمبر 516 ۽ البانيءَ صحيح ابودائود 2/478 تي ان کي حسن قرار ڏنو آهي.
[52] سنن نسائي 6/25، ۽ دَوسريءَ ”النهج“ صفحو 208 تي ان کي حسن ڪوٺيو آهي ۽ حديث جي انهن عالمن جو ذڪر ڪيو اٿس، جن ان حديث کي حسن ڪوٺيو آهي.
[53] انهن عالمن جا قول ۽ فتوائون هيٺين ڪتابن ۾ ڏسي سگهجن ٿيون. مصنف ابن ابي شيبه، ڪتاب الطب 7/374 ۽ ان کان پوءِ جا صفحا، سنن بيهقي 9/216 7 ان کان پوءِ جا صفحا، مستدرڪ حاڪم 4/216 7 ان کان پوءِ جا صفحا، تيسر العزيز الحميد ص 168، 174، سلسله احاديث صحيحه 1/585، القول السديد ص 38، معارج القبول 1/382 7 فتاويٰ شيخ ابن باز 1/820
[54] بيهقي 9/351، مستدرڪ 4/217
[55] منسد احمد 2/181، مستدرڪ حاڪم 1/548، ترمذي حديث نمبر 3528 ۽ ترمذيءَ ان کي حسن ڪوٺيو آهي، ابودائود حديث نمبر 3893
[56] ڏسو سلسله احاديث صحيحه 1/585، النهج السديد ص 161 ۽ صحيح ابو دائود 2/737
[57] حاشيه فتح المجيد ص 132
[58] مسلم مع نووي، ڪتاب السلام، باب لاباس بالرقي مالم يڪن فيه شرڪ (14/187)
[59] شرڪيه ٽوڻن ڦيڻن کان بچڻ لاءِ ڪجهه شرط لڳايا آهن، جيئن حافظ ابن حجر رضه لکيو آهي ته سمورن عالمن جو اجماع آهي ته ٽن شرطن تي ٽوڻا ڦيڻا جائز آهي، پهريون شرط اهو ته جيڪي ڪجهه پڙهيو وڃي، اهو الله جو ڪلام يا ان جا نالا ۽ صفتون هجن، ٻيو اهو ته عربي زبان ۾ هجن، ٽيون اهو ته اهو عقيدو هجي ته عقيدو اهو هجي ته اهي شيون بذات خود فائدو نه ٿيون رسائي سگهن، جيستائين الله تعاليٰ جو حڪم نه هجي. (فتح الباري 10/195) (سنڌيءَ جي مشهور شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو هڪ شعر توحيد جي اعليٰ مثال طور هتي پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ تعويذ وغيره ته پري جي ڳالهه، خود فطري اسباب مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ به الله جي رضا لازمي قرار ڏنل آهي. شاهه لطيف رحه فرمائي ٿو ته:
تون حبيب، تون طبيب، تون دارون کي دردن،
تون ڏئيـن، تون لاهئين، ڏاتر! کي ڏکندن،
تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪريو ان کي.
يعني اي الله! حبيب به تون، طبيب به تون، دردن جو دارون به تون ئي آهين. اگهن کي اگهايون به تون ٿو ڏين ته انهن کي شفاياب پڻ تون ٿو ڪرين. ڦڪيون به مريض کي تڏهن ٿيون افاقو ڪن، جڏهن تون انهن کي حڪم ٿو ڪرين - سنڌيڪار)
[60] مصنف ابن ابي شيبه 7/374
[61] فتح المجيد ص 138
[62] معارج القبول 1/382
[63] سوره معوذات مان مراد سوره (قل هو الله)، (قل اعوذ برب الفلق) ۽ (قل اعوذ برب الناس) آهن. اهي ٽئي سورتون پناه گهرڻ لاءِ بيحد مفيد آهن، پر انهن کي لکي ڳلي ۾ وجهڻ سان نه بلڪه انهن کي پڙهڻ سان هر طرح جي تڪليف ۽ مصيبت ۾ راحت ملندي آهي. جيئن نسائي شريف ۾ حضرت عبدالله بن مسعود کان روايت آهي ته هڪ ڀيرو اسان ڪنهن گهگهه اوندهه ۾ گهيرجي وياسين ۽ هلڪو مينهن به وسي رهيو هو. اسان نماز لاءِ پاڻ سڳورن ﷺ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. پاڻ سڳورا ﷺ آيا ۽ نماز پڙهايائون. نماز کان پوءِ فرمايائون چئه (پڙهه)، مون چيو ته چا چوان (پڙهان)؟ پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته (قل هو الله)، (قل اعوذ برب الفلق) ۽ (قل اعوذ برب الناس) صبح ۽ شام ٽي ٽي ڀيرا پڙهه، توکي هر شيءِ کان بچائينديون. (نسائي 8/250 ڪتاب الاستعاذه)
حضرت عقبه بن عامر جو بيان آهي ته رسول الله ﷺ سان گڏ جحفه ۽ ابواءِ جي وچ ۾ هلي رهيو هوس جو اوچتو تيز طوفان لڳڻ لڳو ۽ رات به ڏاڍي اونداهي هئي. تڏهن پاڻ سڳورا ﷺ (قل اعوذ برب الفلق) ۽ (قل اعوذ برب الناس) پڙهڻ لڳا ۽ فرمايائون ته اي عقبه! اي ٻئي سورتون پڙهندو ڪر، انهن وانگر پناهه ڪنهن به ڪانه گهري آهي. (ابودائود 2/153)
بخاري شريف ۾ حضرت عائشه رضي الله تعالى عنها کان روايت بيان ڪيل آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جو معمول هوندو هو ته پاڻ سڳورا ﷺ روزانو رات جو جڏهن هنڌ تي ويهندا هئا ته (قل هو الله)، (قل اعوذ برب الفلق) ۽ (قل اعوذ برب الناس) پڙهي پنهنجن ٻنهي هٿن تي شوڪاريندا هئا، پوءِ پنهنجي جسم تي جيستائين هٿ پهچندو هئن، ڦيرندا هئا. اهڙيءَ طرح ٽي ڀيرا ڪندا هئا. (بخاري 11/107، مسلم حديث نمبر 2192)
حضرت عقبه بن عامر جو بيان آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ”هر نماز کان پوءِ معوذات واريون سورتون پڙهندا ڪريو.“ (نسائي 3/689، ترمذي 8/215، ابو دائود 2/121 حديث نمبر 1523)
ان کان سواءِ به ڪيترين ئي حديثن ۾ سوره معوذات دعا طور پڙهڻ جي فائدي بابت ڪيترن ئي حديثن جي ڪتابن ۾ لکيل آهي.
[64] آيت الڪرسي: سوره بقره جي آيت 255 کي آيت الڪرسي چيو ويندو آهي. اها هن طرح آهي.
اللّهُ لاَ إِلَـهَ إِلاَّ هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ لاَ تَأْخُذُهُ سِنَةٌ وَلاَ نَوْمٌ لَّهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الأَرْضِ مَن ذَا الَّذِي يَشْفَعُ عِنْدَهُ إِلاَّ بِإِذْنِهِ يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلاَ يُحِيطُونَ بِشَيْءٍ مِّنْ عِلْمِهِ إِلاَّ بِمَا شَاء وَسِعَ كُرْسِيُّهُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضَ وَلاَ يَؤُودُهُ حِفْظُهُمَا وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ
ترجمو ___________________________________________________________________________________________________________________________________________
سڄي قرآن شريف ۾ سڀ کان عظيم الشان آيت اها ئي آيت الڪرسي آهي. نسائي شريف ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو هر فرض نماز بعد آيت الڪرسي پڙهندو آهي، ان کي جنت ۾ وڃڻ کان رڳو موت ئي روڪي سگهي ٿو. (يعني موت بعد جنت ئي سندس نصيب آهي. سنڌيڪار)
شيطان جي شر کان بچڻ لاءِ اها آيت اڪسير آهي. جيئن حضرت ابوهريره جو بيان آهي ته پاڻ صدقي جي مال جي حفاظت تي مامور هو جو هڪ چور چوري ڪرڻ لاءِ لاڳيتو ٽي راتيون آيو ۽ هر رات پڪڙيو ويو. (۽ پوءِ ڏٽو ڏئي ڀڄي به ويندو هو) ٽين رات کيس ابو هريره رضه، پاڻ سڳورن ﷺ وٽ وٺي وڃڻ جي ڌمڪي ڏني ته هن چيو ته مونکي ڇڏ ته مان توکي هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائيندس، جنهن مان الله توکي فائدو ڏيندو. پوءِ هن سڄي آيت الڪرسي پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته اها آيت سمهڻ وقت پڙهي ڇڏيندو ڪر ته تنهنجي سنڀال لاءِ هڪ محافظ الله تعاليٰ پاران مقرر ٿي ويندو ۽ صبح تائين شيطان تنهنجي ويجهو به نه ايندو. صبح ٿيندي ئي حضرت ابوهريره سڄو وهيو واپريو پاڻ سڳورن ﷺ آڏو اچي ٻڌايو ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته هن سچ چيو هو، پر هو وڏو ڪوڙو. اهو شيطان آهي. (بخاري 4/396-398، وڪالت واري باب ۾)
پناهه گهرڻ لاءِ ان کان سواءِ به ڪافي ٻيون آيتون ۽ سورتون پڙهڻ جو حڪم حديثن ۾ موجود آهي، جن ۾ سوره فاتحه هر مصيبت کان ڇوٽڪاري ۽ ڀلائي ۽ ڪاميابيءَ جو سرچشمو آهي. جيئن امام بيهقيءَ ”شعب الايمان“ ۾ ۽ سعيد بن منصور پنهنجي سنن ۾ ذڪر ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ”الفاتحه سفاءِ من کل سقم“ يعني “ سوره فاتحه هر بيماريءَ جو علاج آهي.“ (فتح القدير للشوڪاني 1/16)
صحيح بخاري وغيره ۾ حضرت ابو سعيد خدري جو مشهور واقعو بيان ڪيل آهي ته هڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس کي نانگ کاڌو. پاڻ سوره فاتحه پڙهي مٿس شوڪاري ته اهو چاڪ ٿي ويو. پاڻ سڳورن ﷺ سندس ان عمل کي صحيح قرار ڏنو ۽ ان مان ملندڙ اجرت مان پاڻ به کاڌائون. (بخاري 10/178، طب جي باب ۾، مسلم حديث نمبر 2201، سلام جي باب ۾)
تعوذ (يعني الله جي پناهه وٺڻ) جو اهو مسنون طريقو آهي. جيڪڏهن تعويذ لٽڪائڻ کي جائز ڪري ڇڏجي ته اهو مسنون طريقو بلڪل ختم ٿي ويندو ۽ مسلمان قرآن کان بلڪل بي تعلق ۽ بي نياز ٿي ويندا. (م م)
[65] ڏسو ”المفصل في تاريخ العرب قبل الاسلام“ صفحو 746
[66] قنفذ ڪوئي جهڙو ۽ سهي جيترو هڪ جانور آهي، جنهن جي سڄي بت تي ڪنڊا هوندا آهن. (سنڌيءَ ۾ ان کي سيهڙ چوندا آهن-سنڌيڪار) جڏهن اهو ڪو خطرو محسوس ڪندو آهي ته وٽجي سٽجي ڪنڊن جو ڇڳو بڻجي ويندو آهي.
[67] ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جو هڪ طبقو انهن جاهلن کان به هڪ قدم اڳتي وڌي ويو آهي. اهي ته پنهنجن ٻارن جا نالا ڪتن ٻلين وغيره جهڙن ڪنن جانورن جي نالن تي رکندا آهن ته جيئن اهي هر طرح جي مصيبتن ۽ آفتن ۽ بري نظر کان بچيل رهن. (م م)
[68] انهن تعويذن جي باري ۾ ڏسو:”المفصل في تاريخ العرب قبل الاسلام“ ص 750، 751
[69] پريم منتر جي اها وبا اڄ به چوٽ چڙهيل آهي. بلڪه اڪثر تعويذ ان ئي مقصد لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. انهن جي منتر جي ته ڪل نه آهي ته ڇا ٿيندو آهي، ڇا به هجي، بهرحال اهو ئي ٻڌو ويو آهي ته پريم منتر جو تعويذ ڪرڻ بعد پريمي ايترو بيقرار ٿي ويندو آهي جو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجي، ڊڙندو موٽي ايندو آهي ۽ پنهنجي پريميءَ سان اچي ملندو آهي. غير مسلم ته پنهنجي جاءِ تي، عام مسلمان به ان وبا ۾ مبتلا آهن ۽ عام طور تي گهريلو زندگيءَ ان ئي پريم منتر تي قائم رهندي آهي. حالانڪه مسلمانن جي شريعت چٽن لفظن ۾ ان حرڪت کي ننديو آهي ان کي شرڪ قرار ڏنو آهي. جيئن پاڻ سڳورن ﷺ جو فرمان آهي ته : (التوله شرڪ) يعني ”پريم منتر ڪرڻ شرڪ آهي“ ازدواجي زندگيءَ جي ان پاڪ، صاف ۽ خالص توحيدي رشتي کي شرڪ جي گندگيءَ سان آلوده ڪيو ٿو وڃي ۽ جنهن خالق، زال مڙس کي پيدا ڪري انهن ۾ فطري محبت ۽ شفقت جو مادو رکيو آهي، ان سان تعلق ٽوڙي سيندور، ٽڪي، جادو، منتر، نقشن ۽ ذائچن تي ڀروسو ڪيو ٿو وڃي. اهو سڀ ڪجهه جهالت ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟(م م )
[70] اڄڪلهه به ڪي ماڻهو پنهنجن جانورن کي، خاص طور تي ٻڪرين کي ڪوڏين جي مالها پهرائيندا آهن ته جيئن ٿڌڪار جي ڪري ٿيندڙ بيماري ۽ سوڄ وغيره ختم ٿي وڃي.(م م)
[71] ڏسو ”المفصل في تاريخ العرب قبل الاسلام“ ص 746
[72] بلڪه جهالت ۽ بداعتقاديءَ ۾ انهن کان به ڪجهه قدم اڳتي نڪري چڪا آهن. جيئن ڪي ماڻهو پنهنجن پٽن کي ڪنن ۾ سوراخ ڪڍائيندا آهن ته جيئن اهي جيئرا رهي سگهن ۽ انهن جو نالو به ڇيڏي (اڙدوءَ ۾) پئجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪي ماڻهو پنهنجي ٻار کي ڄمندي ئي ساهميءَ ۾ رکي ڪنهن اناج جي برابر توري ڇڏيندا آهن ته جيئن اهو ننڍي هوندي ئي نه مري وڃي. اهڙي ٻار کي (اڙدوءَ ۾) تولن، يا جوکو چيو ويندو آهي. (سنڌيءَ ۾ اهي نالا مروج نه آهن- سنڌيڪار) اها سڌي سنئين جهالت ۽ بداعتقادي آهي. ڪي ماڻهو ته پنهنجي ٻار کي ساڳئي مقصد لاءِ ٽڪي پئسي ۾ ڪنهن وٽ وڪڻي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ ٻئي جو ٻار سمجهي انهن کي پاليندا آهن. اهڙي ٻار جو نالو بيچن يا بيچو پئجي ويندو آهي. (م م) (سنڌيءَ ۾ هڪ نالو وڪيو آهي، پر ان جي نسبت الله تعاليٰ ڏانهن هوندا آهي. مفهوم جي لحاظ کان ان جو مطلب ٿيندو الله کي ارپيل - سنڌيڪار)
[73] ڪي ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجين ٽيڪسين جي پٺيان ڪارو ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا آهن. اهو به ساڳي جهالت جو نتيجو آهي. ان کان علاوه هندستان ۾ کيري، ڪڪڙي ۽ ٻين ڀاڄين جي فصلن کي بري نظر کان بچائڻ لاءِ انهن ٻنين ۾ مٽيءَ جي استعمال ٿيل هنڊي ابتي ڪري رکي ڇڏيندا آهن ته جيئن سندن فصل کي ڪنهن جي نظر نه لڳي. ان شرڪيه جهالت ۾ عام مسلمان ملوث آهن.(م م)
[74] سلسله احاديث صحيحه 1/266 حديث نمبر 492
[75] ماهر فلڪيات، آسمان کي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿا ۽ انهن هر ڀاڱي جو الڳ الڳ نالو رکي ڇڏيو آهي. مثال طور برج ميزان، برج حوت، برج ثور، برج عقرب وغيره. چنڊ پنهنجي سالياڻي گردش دوران انهن برجن ۾ ڦيرندو رهندو آهي. (م م)
[76] الفصل في الملل والاهواءِ والنحل لابن حزم 5/4
[77] السنن والمبتدعات للشقيري ص 293
[78] ساڳيو ڪتاب. ناچيز ان جي عبارت سمجهڻ کان قاصر آهي، ان ڪري ان جو ترجمو ڪرڻ کان معذرت خواهه آهي.(م م)
[79] السنن والمبتدعات ص 299
[80] ان کان به عجيب و غريب قرآني تعويذن جا مثال ڏسڻا هجن ته ننڍي کنڊ ۾ ڇپيل ترجمو ڪيل قرآن جي ڪن نسخن کي ڏسو، جن ۾ قرآن شريف جي تعويذي حيثيت کي نمايان ۽ مفصل طور تي بيان ڪيو ويو آهي. هر سورت جو تعويذي فائدو، ويندي مختلف سورتن جي مختلف دنياوي مقصدن جو ضامن هجڻ جو پڻ ٻڌايو ويو آهي. جيئن ته ڪيتريون ئي سورتون ڪافي وڏيون وڏيون آهن، جن کي تعويذي تلاوت يا تعويذ ۾ لکڻ ڏکيو آهي، ان ڪري تعويذ جي سهولت ۽ آسانيءَ لاءِ سمورين سورتن کي نمبرن ۾ تبديل ڪري انهن جو مختصر ۽ شارٽ ڪٽ ذائچو بنايو ويو آهي. انهن مان ڪجهه نقشا نموني طور هتي بيان ڪيا ويندا.
سوره رعد: ظالم حاڪم جي معزولي، ٻار جي روئڻ، حمل ڪيرائڻ، جيڪڏهن نياڻيون پيدا ٿينديون هجن ته پٽ جي لاءِ، سنڍ عورت، ڪن جي سور وغيره لاءِ فائديمند آهي. هن سورت جا عدد 244693 آهن ۽ نقش معظم هن ريت آهي:
786
81567 | 81860 | 81567 |
81562 | 81564 | 81566 |
81563 | 81568 | 81561 |
سوره نور: احتلام کان محفوظ رهڻ، شاعر وغيره جي زبان بندي، اکيون اٿلڻ ۽ سنڍ عورت لاءِ اڪسير آهي. هن جو عدد 402457 آهي ۽ نقش معظم هن ريت آهي:
786
100606 | 100620 | 100617 | 100614 |
100618 | 100613 | 100607 | 100619 |
100612 | 100615 | 100622 | 100608 |
100621 | 100619 | 100611 | 100616 |
سوره نصر: ڄار ۾ گهڻيون مڇيون ڦاسڻ لاءِ مفيد آهي. نقش معظم هن ريت آهي:
786
1523 | 1532 | 1534 | 1530 |
1535 | 1529 | 1524 | 1536 |
1528 | 1531 | 1539 | 1535 |
1538 | 1536 | 1537 | 1533 |
اهڙيءَ طرح سمورين صورتن جو الڳ الڳ نقش معظم ٺاهي آخر ۾ سڄي قرآن کي بسم الله سميت نقش معظم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پوءِ هيٺ انهن نقشن جا فائدا ۽ استعمال جو طريقو بيان ڪيو ويو آهي. ان طريقي سان امتيءَ کي قرآن شريف کان ڪيترو نه بي نياز ڪيو ويو آهي. انساني فطرت ته عيش ۽ آرام ۾ الله کي يادڪرڻ کان رهي، مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ الله ۽ ان جي ڪلام سان تعلق ڳنڍجڻ جي ڪجهه اميد هئي، اها به هن طريقي جي مروج ٿيڻ سان ختم ٿي وئي. ان ئي سلوڪ جو شڪوو قرآن شريف بزبان حال هيئن بيان ڪري ٿو ته:
طاقون ۾ سجايا جاتا هون، آنکهون ۾ لگايا جاتا هون،
تعويذ بنايا جاتا هون، ڌو ڌو کي پلايا جاتا هون،
ڪس بزم ۾ منهن ڪو بار نهي، ڪس عرس ۾ ميري ڌوم نهين،
ڦر ڀي ۾ اڪيلا رهتا هون، مجهه سان ڪوئي مجبور نهين.
ترجمو سنڌي:
طاقن ۾ سجايو ويندو آ، اکين سان لڳايو ويندو آ،
تعويذ بنايو ويندو آ ۽ ڌوئي پياريو ويندو آ،
ڪا محفل مون کان خالي نه آ، هر عرس ۾ منهنجو چرچو آ،
مان پو به اڪيلو ئي آهيان، ڪو مون جهڙو مجبور نه آ.
۽ قيامت جي ڏينهن رحمت للعالمين حضرت محمد رسول الله صه، پالڻهار جي اڳيان هن طرح دانهن ڏيندو ته:
وَقَالَ الرَّسُولُ يَا رَبِّ إِنَّ قَوْمِي اتَّخَذُوا هَذَا الْقُرْآنَ مَهْجُورًا (الفرقان:30)
ترجمو: ۽ رسول الله ﷺ چوندو ته اي منهنجا رب! منهنجي قوم هن قرآن کي پٺتي اڇلائي ڇڏيو.
علامه اقبال ان ڳالهه جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪري و ته:
(وه زماني ۾ معزز ٿي مسلمان هوڪر، اور هم خوار هئي تارڪِ قرآن هوڪر)
ٻيا زمـاني ۾ مـعـزز ٿيا مسلمـان بڻجـي،
۽ اسان خوار ٿياسين تارڪِ قرآن بڻجي.
ذڪر ڪيل ذائچن وارن تعويذن وانگر نمبرن تي مشتمل هڪ تعويذ جو ذڪر ڪندي علامه قشيري مصري رحه لکي ٿو ته: ”جنهن ان تي عمل ڪيو، اهو ڌرتيءَ جي گولي تي سڀ کان وڌيڪ جاهل ۽ غضب هيٺ آيل آهي، جنهن اهڙي ڪتاب ۽ ان جهڙن ٻين ڪتابن کي نه ساڙيو، اهو جلد ئي جهالت جي اوڙاه ۾ سڙندو، فقيري، محتاجي ۽ بيماريون سندس مقدر بڻبيون. اهو رنج و غم ۽ مصيبت ۾ مبتلا رهندو ۽ ان بعد سندس لاءِ آخرت جو عذاب جهنم هوندو، جنهن ۾ کيس داخل ٿيڻو پوندو ۽ جهنم ڏاڍي خراب جڳهه آهي. السنن والمبتدعات ص 295 (295)
[81] هن حديث جي تخريج اچي چڪي آهي.
[82] هن حديث جي تخريج اچي چڪي آهي.
[83] هن حديث جي تخريج اچي چڪي آهي.
[84] ٽوڻي ڦيڻي ۾ جيڪڏهن شرڪيه لفظ ۽ غير شرعي لفظ نه هجن ته جهاڙ ڦوڪ جائز آهي، جيئن اڳتي اچي چڪو آهي.(م م)
[85] فتاويٰ شيخ ابن باز 1/20
[86] سوره بني اسرائيل آيت 82، ترجمو: اسان قرآن ۾ اهڙيون آيتون نازل ڪريون ٿا، جيڪي مومن لاءِ شفا ۽ رحمت آهن.(م م)
[87] سوره آيت 29، ترجمو: اهو بابرڪت ڪتاب آهي، جيڪو اسان توهان ڏانهن نازل ڪيو آهي.
[88] جيڪا شيءِ الله ۽ رسول جي ٻڌائڻ سان ئي معلوم ٿي سگهي، ان کي توقيفي چوندا آهن. (م م)
[89] المجموع الثمين 1/58
صحيح بخاري وغيره ۾ آهي ته پاڻ سڳورا صه پنهنجن ٻنهي ڏهٽن حضرت حسن و حسين رضه تي اها دعا پڙهي شوڪاريندا هئا: ”اعوذ بکلمات الله التامه من کل شيطان وهامه، ومن کل عين لامه“ يعني ”مان الله جي ڪلام تام جي پناه ٿو گهران شيطان کان ۽ هر موذي جانور کان ۽ نظر بد کان.(بخاري 6/حديث نمبر 3371، ڪتاب الانبياءِ، و ابن ماجه 2/حديث نمبر 3570، ابواب الطب)
حضرت عائشه رضي الله تعالى عنها جو بيان آهي ته رسول الله ﷺ پنهنجي گهر وارن تي اها دعا پڙهي شوڪاريندا هئا ۽ هٿ ڦيريندا هئا: ”الله رب الناس اذهب الباس، واشف انتالشافي، لا شفاءِ الا شفاوڪ، شفاءِلا يغادر سقما“ يعني ”اي الله! انسانن جا پالڻهار! تون تڪليف هٽاءِ ۽ شفا ڏي، تون ئي شفا ڏيڻ وارو آهين، تنهنجي شفا کان سواءِ ٻي ڪا شفا نه آهي، اهڙي شفا عطا ڪر جو وري ڪڏهن به بيماري نه لڳي.“(بخاري 10/178، الطب، و مسلم حديث نمبر 2191، ڪتاب السلام)
حضرت عثمان بن ابي العاص ثقفي پاڻ سڳورن ﷺ کي ٻڌايو ته جڏهن کان آئون مسلمان ٿيو آهيان، مونکي هڪڙو سور پوندو آهي، جيڪو مونکي ماري ڇڏيندو آهي. پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته: پنهنجو هٿ ان جڳهه تي رک، جتي سور آهي، پوءِ ٽي ڀيرا بسم الله پڙهه ۽ ست ڀيرا اهو چئي هٿ ڦير: ”اعوذ بالله و قدرته من شر ما اجد واحاذر“ يعني ”مان الله ۽ ان جي قدرت کان پناهه گهران ٿو ان شيءِ جي شر جي جنهن کي مان محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪا لڳڻ جو مونکي ڊپ آهي.“(مسلم حديث نمبر 2202، ڪتاب السلام)
موطا امام مالڪ ۾ اهو اضافو آهي ته عثمان بن ابي العاص ٻڌايو ته ان کان پوءِ منهنجو سور ختم ٿي ويو ۽ اها شيءِ مان پنهنجن گهر وارن کي سيکاريندو آهيان.
هڪ ڀيرو پاڻ سڳورا ﷺ بيمار ٿي پيا ته حضرت جبرئيل عليه السلام اچي حال احوال پڇيو ۽ هيءَ دعا پڙهي شوڪاري: ”باسم الله رقيک من کل شيءِ يوذيک، من شر کل نفس و عين حاسد الله يشفيڪ، باسم الله ارقيک“ يعني ”مان الله جي پاڪ نالي کان توهان تي دم ڪريون ٿو هر ان شيءِ کان، جيڪا توهان کي تڪليف ڏئي رهي آهي. هر متنفس ۽ حاسد نظر جي شر کان الله توهان کي شفا ڏي. مان الله جي نالي سان ئي توهان تي دم ڪريان ٿو.“ (مسلم حديث نمبر 2185، 6812 ڪتاب السلام)
مشهور واقعو آهي ته نبي ڪريم ﷺ هڪ يهوديءَ جادو ڪيو هو، جنهن جي ڪري پاڻ سڳورا ﷺ بيچين رهندا هئا. هڪ ڏينهن حضرت جبرئيل عليه السلام هڪ فرشتي سان گڏ آيو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي مٿان ڪيل جادوءَ جي باري ۾ ٻڌايائين ۽ سوره معوذتين (يعني قل اعوذ برب الفلق ۽ قل اعوذ برب الناس) ٻڌايون ۽ چيو ته توهان هڪ هڪ آيت پڙهندا وڃو ۽ جادوءَ جي هڪ هڪ ڳنڍ کوليندا وڃو. پاڻ سڳورن ﷺ ائين ئي ڪيو ۽ پاڻ سڳورا ﷺ جادوءَ جي اثر کان شفاياب ٿيندي ائين محسوس ڪري رهيا هئا، ڄڻ ڪو ماڻهو ٻڌل هو، جنهن کي کوليو ويو هجي.
(فتح القدير للشوڪاني 5/519 مسند عبد بن حميد جي حوالي سان، ان کان سواءِ اهو واقعو تفصيل سان بخاري 10/حديث نمبر 5763، مسلم 9/حديث نمبر 2189، ڪتاب السلام ۽ اابن ماجه 2/حديث نمبر 3545 وغيره ۾ ذڪر ڪيو آهي)
اهن واقعن کي پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته پاڻ سڳورا ﷺ بيمار جي مٿان سڌو سنئون دعائون ۽ قرآن شريف پڙهي شوڪاريندا هئا ۽ اصحابي سڳورا به ائين ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا، تعويذ لکي نه ٻڌندا هئا ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏنائون.
ٻيو ته بيماري لڳڻ کان اڳ به حفاظت لاءِ ڪيتريون ئي دعائون پاڻ سڳورن صه ٻڌايون آهن، جن مان معوذتين ۽ آيت الڪرسيءَ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هڪ ٻي به جامع دعا هن ريت آهي:
حضرت خوله بنت حڪيم بيان ڪري ٿي ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جاءِ تي ترسڻ مهل اها دعا پڙهي ”اعوذ بکلمات الله التامات من شر ما خلق“ ته ان کي رواني ٿيڻ تائين ڪابه شيءِ تڪليف نه پهچائي سگهندي. هن دعا جو ترجمو هن ريت آهي: مان الله جي ڪلام تام جي پناه ٿو گهران، پر ان شيءِ کان، جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي. (مسلم حديث نمبر 2708 ڪتاب الذڪر والدعاءِ وغيره)
ابودائود ۽ نسائي ۾ صحيح سند سان روايت آيل آهي ته هڪ همراه پاڻ سڳورن ﷺ وٽ اچي چيو ته ”رات مونکي ڪنهن شيءِ (جيت وغيره) ڏنگي وڌو، ان جي سور ڪري مان سمهي نه سگهيس. تنهن تي پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن تو اها دعا ”اعوذ بکلمات الله التامات من شر ما خلق“ پڙهي هجي ها ته توکي ڪابه شيءِ اهنج نه رسائي ها.“ (فتح الباري 10/196، مسلم حديث نمبر 2709، ڪتاب السلام وغيره)
اهو آهي رسول الله ۽ سنت رسول جو طريقو، مسلمانن کي سنت رسول ﷺ جي پوئواري ۽ تابعداري ڪرڻ گهرجي ۽ هر طرح جي شرڪ ۽ ڪفر ۽ سنت جي ابتڙ عمل کان پري ڀڄڻ گهرجي.
وبالله التوفيق، والصلاه والسلام علي اشرف الانبياءِ والمرسلين محمد و علي آله واصحابه اجمعين الي يوم الدين(م م)